ايران خلاف حملن جي نئين آمريڪي لھر شروع، تيل وڪڻڻ لاءِ فراھم ڪيل لائسنس بہ رد، ھرمز ۾ ٽن آئل ٽينڪرس تي حملن جو رد عمل

آمريڪي فوج ايران خلاف حملن جي نئين لهر شروع ڪري ڇڏي آھي ۽ ايران کي تيل وڪڻڻ جي اجازت وارو لائسنس به رد ڪري ڪيو ويو آھي، جڏهن ته هرمز واري لنگھہ ۾ ٽن آئل ٽينڪرن تي پروجيڪٽائل حملن کانپوءِ اڳ ئي نازڪ جنگبندي تي وڌيڪ دٻاءُ وڌي ويو آهي.

ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي جنازي ۾ قم جي مقدس شهر ۾ لکين ماڻهن شرڪت واري ڏينھن آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اعلان ڪيو ته هن مختلف حملن دوران ايران جي 80 کان وڌيڪ حدفن کي نشانو بڻايو آهي. آمريڪي فوج موجب اهي حملا ايران تي ڳري قيمت مڙهڻ لاءِ ڪيا ويا آهن

ھن کان اڳ واري اپڊيٽ

هرمز واري لنگھہ ۾ ٽن آئل ٽينڪرن تي حملا، قطر جو ايل اين جي جهاز کي به نشانو بڻيو. برطانوي سامونڊي سلامتي اداري موجب رات دير سان هڪ نامعلوم ميزائل يا پروجيڪٽائل هڪ ٽينڪر کي لڳو جنهن سبب جهاز ۾ باهه لڳي وئي. ان کان پوءِ ٻه وڌيڪ ٽينڪر به نشانو بڻايا ويا، جن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ تي ڊرون ذريعي حملو ڪيو ويو

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔