صدر زرداري جو چين جو دورو، ھن چيئرمين مائو جي جنم ڀومي جو دورو بہ ڪيو

صدر زرداري جي شيانگتان پيپلز ڪانگريس جي سينيئر اڳواڻن ۽ شائوشان انتظاميا جي عملدارن آجيان ڪئي ۽ کيس چيئرمين مائو جي زندگي، جدوجهد ۽ چيني انقلاب ۾ سندس ڪردار بابت بريفنگ ڏني. صدر بعد ۾ مائو زي تنگ ميموريل ميوزيم جو به دورو ڪيو جتي چين جي انقلابي تاريخ، قومي اتحاد ۽ ترقي بابت اهم دستاويز ۽ نوادرات رکيل آھن.

صدر زرداريءَ چيو ته چيئرمين مائو نه رڳو چين کي هڪ نئون سياسي ۽ سماجي رخ ڏنو پر عالمي سطح تي آزادي، خودمختياري ۽ قومي تعمير جي جدوجهدن لاءِ به مثال پڻ بڻيو. هن چيو ته اهڙيون تاريخي جايون جديد چين جي اڀار ۽ قومي شعور کي سمجهڻ لاءِ اهم آهن

مائو ۽ چين
چين جنھنجو سرڪاري نالوپيپلز ريپبلڪ آف چائنا آھي تنھن جوبنياد چيئرمين مائوءَ 1949ع ۾ رکيو ۽ ڪميونسٽ انقلاب جي ذريعي ملڪ کي سياسي استحڪام، زميني سڌارن ۽ صنعتي ترقي جي رستي تي آندو. سندس قيادت چين کي عالمي طاقت بڻجڻ جي بنيادي فڪري ۽ سياسي بنياد فراهم ڪيا..

پاڪستان-چين دوستي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو حوالو
صدر زرداري پنهنجي دوري دوران پاڪستان ۽ چين جي تاريخي دوستي جي واکاڻ ڪئي جنھن جا  بنياد اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ مضبوط ٿيا. ڀٽي جي چيئرمين مائو ۽ چيني قيادت سان ويجهن رابطن پاڪستان-چين لاڳاپن کي نين بلندين تي پهچايو جنهن بعد ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ مسلسل مضبوط ٿيندي رهي آھي..

صدر زرداري جي چين دوري جو مقصد
صدر زرداري جو موجوده دورو رڳو علامتي نه پر اسٽرٽيجڪ اهميت جو حامل آهي. دوري جو مقصد پاڪ-چين اقتصادي ۽ واپاري سهڪارجنھن ۾ چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪاريڊور اھم آھي تنھن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري، زراعت، ٽيڪنالاجي، ۽ پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ تعاون وڌائڻ آهي. دوري دوران اعليٰ سطحي ملاقاتن ۾ علائقائي صورتحال، اقتصادي رابطا ۽ ٻہ طرفا لاڳاپا به بحث آيا.. صدر سان گڏ وفد ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جو سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، علي حسن بروهي، سيد قاسم نويد قمر، چيف سيڪريٽري سنڌ، چين ۾ پاڪستان جو سفير خالد ھاشمي ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زيڊونگ پڻ شامل هئا. ٽي ايس ايل رپورٽ

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔