
هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (آزاد ڪشمير) جي ضلعي پونڇ جي علائقي راولاڪوٽ ۾ تشدد جي واقعن بابت رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اختيارين کان انهن واقعن جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
راولاڪوٽ ۾ سومر ڏينهن ۽ ميرپور ۾ اڱاري ڏينهن احتجاج ڪندڙن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن وچ ۾ چڪريون ٿيون، جن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي فوت ۽ زخمي ٿيڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن.
ڪشمير ۾ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جنهن تي پابندي لڳائي وئي آهي سا ڀارتي والاريل ڪشمير مان لڏي آيل پناهگيرن لاءِ آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبليءَ ۾ مخصوص ٿيل 12 سيٽن جي خاتمي جو مطالبو ڪري ٿي ۽ گذريل ڪيترن ئي هفتن کان علائقي ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي رهي آهي.
حڪومت جو چوڻ آهي ته بيچيني پکيڙڻ ۾ اهڙا شدت پسند عنصر ملوث آهن، جيڪي "پرڏيهي ايجنڊا” تي عمل ڪري رهيا آهن ۽ کين ڀارت جو مالي سهڪار حاصل آهي. هي ڇڪتاڻ اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن آزاد ڪشمير ۾ چونڊون ٿي اهيون آهن جنهن جا ٽي مرحلا آهن ۽ ڊويزنن جي بنياد تي ڪرائيون پيون وڃن.
هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اها راولاڪوٽ ۾ احتجاج ڪندڙن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ چڪرين دوران جاني نقصان ۽ زخمين جي رپورٽن تي "سخت ڳڻتي” جو اظهار ڪري ٿي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته "راولاڪوٽ ۾ فوتگين جون رپورٽون ان انساني قيمت جي دردناڪ ياد ڏيارين ٿيون، جيڪا گذريل ڪجهه هفتن کان آزاد ڪشمير ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب ماڻهن کي ادا ڪرڻي پئي آهي.”
ڪميشن چيو ته جيتوڻيڪ امن امان برقرار رکڻ رياستي ادارن جي ذميواري آهي، پر اها ذميواري ڪڏهن به زندگيءَ جي حق يا پرامن احتجاج، گڏجاڻي ۽ اظهار جي آزاديءَ جي بنيادي حقن جي قربانيءَ تي پوري نه ٿيڻ گهرجي.
ڪميشن تشدد جي هن سلسلي کي فوري طور ختم ڪرڻ تي زور ڏيندي فوتگين ۽ زخمين وارن واقعن جي "تڪڙي، اڻڌري ۽ آزاد جاچ” جو مطالبو ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ، غيرقانوني طور طاقت جي استعمال جي ذميوار ماڻهن کي قانون موجب جوابده بڻائڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.
ايڇ آر سي پيءَ پنهنجي بيان ۾ اختيارين تي زور ڏنو ته اهي احتجاجن سان نبرڻ دوران وڌ کان وڌ تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪن. بيان موجب، "جيئن جيئن چونڊن جا باقي مرحلا ويجهو اچي رهيا آهن، تيئن تيئن ڌيان ٽڪراءَ بدران انساني جانيون بچائڻ ۽ عوامي اعتماد بحال ڪرڻ تي هجڻ گهرجي.”
ٻئي طرف، ايمنسٽي انٽرنيشنل به آزاد ڪشمير ۾ مواصلاتي بندش تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اختيارين کان انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروسز جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو آهي.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڏکڻ ايشيا جي قائم مقام ڊائريڪٽر ازابيل لاسي جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ احتجاج ڪندڙن خلاف طاقت جي استعمال بابت رپورٽن جي "تڪڙي، آزاد۽ شفاف جاچ” ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته، "جيستائين علائقي ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروسز بند رهنديون، تيستائين زميني حقيقتن جي مڪمل ۽ آزاد تصديق ڪرڻ انتهائي ڏکيو رهندو.”
ازابيل لاسي وڌيڪ چيو ته، "اسان پاڪستاني اختيارين تي زور ڀريون ٿا ته اهي سموريون مواصلاتي سهولتون فوري طور بحال ڪن ۽ ميڊيا سميت آزاد مبصرن کي علائقي تائين رسائي فراهم ڪن، جيئن صورتحال جي شفاف نموني جائزي کي يقيني بڻائي سگهجي.” …… ٽي ايس ايل


