
آمريڪا ايران جي مختلف علائقن تي “سخت ۽ طاقتور” فوجي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. قشم، ڪيش، بندر عباس، آبادان ۽ بوشهر سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا آهن. پرڏيهي خابرو ادارن موجب، حملا ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۽ تازي فوجي صورتحال جي پسمنظر ۾ ڪيا ويا آهن.
ايران جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ميڊيا مطابق ڌماڪن کانپوءِ ڪجهه علائقن ۾ باهه جا شعلا به ڏٺا ويا، جڏهن ته قشم ٻيٽ ۽ بندر عباس جي چوڌاري فوجي ۽ سامونڊي تنصيبن کي نشانو بڻائڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن. بوشهر، جتي ايران جو اهم جوهري بجلي گهر موجود آهي، اتان به ڌماڪن جو اطلاع آهي پر ايراني اختيارين اڃا تائين نقصانن ۽ جاني نقصان بابت تفصيلي بيان جاري نه ڪيو آهي.
پرڏيهي ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملن جو دائرو ڏکڻ ايران جي سامونڊي علائقن تائين ڦهليل آهي، جتي اسٽريٽ آف هرمز سان لاڳاپيل دفاعي ۽ فوجي سهولتن کي به نشانو بڻايو ويو آهي. آبادان ۽ قشم ۾ ڌماڪن کانپوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ئي ايران خلاف وڌيڪ سخت فوجي ڪارروائي لاءِ خبردار ڪري چڪو آهي. تازي حملن سبب وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جو انومان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عالمي برادري طرفان صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هلندڙ تڪرار سبب اڳ ئي وچ اوڀر جي سلامتي، سامونڊي واپار ۽ عالمي تيل مارڪيٽن تي ناڪاري اثر پوڻ جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.
ٽي ايس ايل


