اتر ڪوريا ڪچري سان ڀريل ٿيلها ڦوڪڻن سان ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪيرائي ڇڏيا، عالمي ماحولياتي ۽ سياسي خدشن سان گڏ

اتر ڪوريا ڪچري سان ڀريل ٿيلها ڦوڪڻن سان ٻڌي ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪيرائي ڇڏيا. ڏکڻ ڪوريا ۾ روڊن تي پيل ڪچرو ڏسي شهري پريشان ٿي ويا، اختيارين به ماڻهن کي روڊ تي پيل ڪچري کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي. انتظاميه متاثر هنڌن تي فوج، ڪيميائي ۽ بايولوجيڪل جاچ ٽيمون مقرر ڪري ڇڏيون آهن. اتر ڪوريا طرفان اهڙي قدم تي ڏکڻ ڪوريا آڏو سخت احتجاج ڪندي چيو ويو ته اهڙو قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ شهرين جي سلامتي کي سخت خطري جو سبب آهي، اتر ڪوريا اهڙيون غير انساني ۽ ڪِريل حرڪتون بند ڪري. اتر ڪوريا جو چوڻ آهي ته اهو قدم ڏکڻ ڪوريا جي ڪاررواين جي جواب ۾ کنيو ويو آهي. ڏکڻ ڪوريا به اڪثر ڦوڪڻن ۽ ڊرونز ذريعي پروپئگنڊا پمفلٽ، کاڌي پيتي جون شيون ۽ دوائون اتر ڪوريا ۾ موڪليندو رهيو آهي

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔