
ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري اداري ساحل پنهنجي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته سال 2026ع جي پهرين ڇهن مهينن دوران ملڪ ۾ ٻارن سان زيادتين جا 1,914 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 49 نون ڄاول ٻار رستن جي ڪنارن تي لاوارث حالت ۾ مليا.
رپورٽ موجب جنوري کان جون 2026ع تائين 1,015 ٻارن سان جنسي زيادتي، 558 اغوا، 101 گمشدگين ۽ 35 ٻارڙن جي شادين جا ڪيس سامهون آيا. ان کان علاوه جنسي زيادتي کان پوءِ 98 ٻارن جي فحش مواد (پورنوگرافي) ۾ استعمال ٿيڻ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيا.
ساحل موجب اها رپورٽ ملڪ جي چئني صوبن، اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي قومي ۽ علائقائي اخبارن مان گڏ ڪيل انگن اکرن جي بنياد تي تيار ڪئي وئي آهي.
رپورٽ مطابق متاثر ٻارن مان 58 سيڪڙو ڇوڪريون هيون، جڏهن ته 11 کان 15 سالن جي عمر وارا ٻار سڀ کان وڌيڪ خطري هيٺ رهيا.
انگن اکرن موجب 598 متاثر ٻار 11 کان 15 سالن، 356 ٻار 16 کان 18 سالن، 329 ٻار 6 کان 10 سالن ۽ 95 ٻار پنجن سالن کان گهٽ عمر جا هئا، جڏهن ته 487 ڪيسن ۾ متاثر ٻارن جي عمر ڄاڻآئي ئي نه وئي آهي.
رپورٽ مان ظاهر ٿيو آهي ته ڪيترن ئي واقعن ۾ جوابدار متاثر ٻارن جا سڃاتل ماڻهو هئا. 43 سيڪڙو ڪيسن ۾ جوابدار واقفڪار هئا، جڏهن ته 34 سيڪڙو ڪيسن ۾ جوابدار اجنبي هئا.
واقعا گهڻو ڪري ٻارن جي پنهنجي گهرن اندر پيش آيا. رپورٽ موجب 45 سيڪڙو زيادتين جا واقعا متاثر ٻارن جي گهرن ۾، 18 سيڪڙو جوابدارن جي گهرن ۾، جڏهن ته 3 سيڪڙو کليل هنڌن تي پيش آيا. 21 سيڪڙو ڪيسن ۾ واقعي وارو هنڌ ڄا ڻآيو نه ويو.
شهري علائقن ۾ ٻارن سان زيادتين جا واقعا ڳوٺاڻن علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رپورٽ ٿيا. رپورٽ موجب 57 سيڪڙو واقعا شهرن ۽ 43 سيڪڙو ڳوٺاڻن علائقن ۾ پيش آيا.
صوبن جي لحاظ کان 80 سيڪڙو واقعا پنجاب ۾ رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 15 سيڪڙو ڪيس سنڌ مان سامهون آيا. باقي 5 سيڪڙو واقعا ملڪ جي ٻين علائقن مان رپورٽ ڪيا ويا.
رپورٽ موجب 89 سيڪڙو ڪيس پوليس وٽ داخل ڪرايا ويا، جڏهن ته باقي ڪيسن بابت رجسٽريشن جي صورتحال واضح نه ٿي سگهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ستن ڪيسن ۾ ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي وئي، جڏهن ته هڪ ڪيس ۾ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو. – ٽي ايس ايل


