
گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) خبردار ڪيو آهي ته موسمي تبديلي سبب طاقتور ٿيندڙ ايل نينو جو موسمي رجحان 2027ع جي آخر تائين دنيا ۾ وڌيڪ 4 ڪروڙ 90 لک ماڻهن کي خوراڪ جي شديد کوٽ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بک ۽ غذائي بحران وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿا.
اداري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سندس تازي جائزي موجب ايل نينو انهن 45 ملڪن ۾ خوراڪ جي بحران کي وڌيڪ خراب ڪندو، جيڪي اڳ ئي بک ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان سبب شديد خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ماڻهن جو انگ موجوده 22 ڪروڙ 50 لک مان وڌي 27 ڪروڙ 40 لک تائين پهچي سگهي ٿو.
ورلڊ فوڊ پروگرام جي قائم مقام ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪارل اسڪائو چيو ته ايل نينو اڳ ئي ڏکين حالتن ۾ رهندڙ لکين ماڻهن جي خوراڪ جي تحفظ لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي رهيو آهي.
هن چيو ته شديد ٻوڏون، خشڪ سالي، گرمي جون لهرون ۽ ٻين انتهاپسند موسمي حالتن سبب ڪيترائي علائقا مختصر وقت ۾ بحران جو شڪار ٿي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اداري اڳ ئي اٺن ملڪن ۾ اڳواٽ امدادي قدمن کي تيز ڪري ڇڏيو آهي.
ڊبليو ايف پي موجب ايل نينو جو اثر سيپٽمبر کان ڊسمبر 2026ع دوران پنهنجي عروج تي هوندو، پر ان جا اثر 2027ع دوران به جاري رهندا، ڇاڪاڻ ته خراب موسمي حالتون ايندڙ فصلن جي پيداوار کي به متاثر ڪنديون.
اداري چيو ته سڀ کان وڌيڪ اثر مرڪزي آمريڪا ۽ ڏاکڻي آفريڪا تي پوندو، جڏهن ته اوڀر آفريڪا، ڏکڻ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ به خوراڪ جي صورتحال خراب ٿيڻ جا امڪان آهن.
لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين ۾ خوراڪ جي کوٽ ۾ تيز اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، جتي 1 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته اوڀر ۽ ڏاکڻي آفريڪا ۾ 1 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي خوراڪ جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان آهي.
ايشيا ۽ پئسفڪ علائقي ۾ وڌيڪ 82 لک ماڻهو شديد خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته اولهه ۽ وچ آفريڪا ۾ خوراڪ جي عدم تحفظ ۾ 12 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، جنهن سان لڳ ڀڳ 60 لک وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيندا.
ورلڊ فوڊ پروگرام ٻڌايو ته مئي 2026ع کان وٺي ڏکڻ سوڊان، چاڊ، موريطانيا، يوگنڊا، گوئٽي مالا ۽ ايل سلواڊور ۾ اڳواٽ امدادي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، جن تحت لڳ ڀڳ پنج لک ماڻهن کي 1 ڪروڙ 40 لک ڊالرن کان وڌيڪ امداد فراهم ڪئي وئي آهي.
اداري زور ڀريو ته اڳواٽ تياريءَ تي خرچ ڪيل هر هڪ ڊالر مستقبل ۾ 3 کان 7 ڊالر تائين نقصان ۽ هنگامي امدادي خرچن کان بچائي سگهي ٿو، تنهن ڪري حڪومتن ۽ عالمي ادارن کي هاڻي ئي قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن ايل نينو جي ممڪن تباهي وارن اثرن کي گهٽائي سگهجي.
ٽي ايس ايل


