ٽرمپ ايران تي حملا ڇو روڪيا؟

ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو ته هن درخواست کي نظر ۾ رکندي، دنيا جي مستقبل جي ڀلائي ۽ هڪ ڪامياب ۽ خوشحال ايران جي بقا لاءِ، مون في الحال حملي کي منسوخ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، شرط اهو آهي ته جلد هڪ معاهدو طئي ٿي وڃي.

هن چيو ته ان معاهدي ۾ هرمز کي فوري، مڪمل ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي کولڻ ۽ ايران جي جوهري خطري جي خاتمي جون شرطون شامل هونديون.

ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اسرائيل به هن عزم ۾ منهنجو ساٿي آهي. هاڻي سڀئي ڪم تي لڳو ۽ هن معاهدي کي مڪمل ڪيو.

بهرحال، ٽرمپ يا وائيٽ هائوس ان بابت وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ته معاهدي جا صحيح شرط ڇا هوندا يا ان لاءِ ٽياڪڙ جو ڪردار ڪير ادا ڪري رهيو آهي.

ساڳئي وقت آمريڪي ويب سائيٽ اگزين رپورٽ ڏني آهي ته سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان ڇنڇر ڏينهن ٽرمپ سان ٽيليفون تي ڳالهائي ايران خلاف وڏي پيماني تي نون حملن بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي.

رپورٽ موجب محمد بن سلمان ٽرمپ تي زور ڀريو ته هو ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي ۽ نوان حملا شروع ڪرڻ کان پاسو ڪري.

آمريڪا کي هٿيارن جي کوٽ به درپيش

واشنگٽن لاءِ هڪ ٻيو اهم مسئلو فوجي هٿيارن، خاص طور تي پيٽرياٽ ميزائل دفاعي نظام جي انٽرسيپٽر ميزائلن جا گهٽجندڙ ذخيرا آهن.

سينٽر فار اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز جي اندازي موجب، ايران سان جنگ کان اڳ آمريڪا وٽ لڳ ڀڳ 2,300 پيٽرياٽ انٽرسيپٽر موجود هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي 827 کان به هيٺ اچي ويا آهن.

آمريڪي ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ڪرس وان هالن چيو ته اسان پنهنجا دفاعي انٽرسيپٽر تيزي سان استعمال ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته اهي آمريڪي فوجين جي حفاظت لاءِ انتهائي ضروري آهن. دنيا جي ٻين علائقن ۾ به ڪنهن به امڪاني تڪرار کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.”

آمريڪي ميڊيا موجب گڏيل چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل ڊين ڪين به انٽرسيپٽر ميزائلن جي گهٽجندڙ ذخيرن بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته ٽرمپ انهن خدشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ايران جو موقف ڇا آهي؟

ايران اڃا تائين ٽرمپ جي ان دعويٰ تي ڪو سرڪاري ردعمل ناهي ڏنو ته آمريڪا حملا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن يا ڪنهن ممڪن معاهدي بابت جاري ڳالهين تي به خاموشي اختيار ڪئي آهي.

ايران جي قائم مقام بچاءَ واري وزير مجيد ابن الرضا چيو ته تهران پنهنجي مخالفن جي هر ڌمڪي کي "حقيقي ۽ سنجيده” سمجهي ٿو، ڀلي اها نفسياتي جنگ جو حصو ئي ڇو نه هجي. هن چيو اسان نه ته بي خبر رهنداسين ۽ نه ئي خاموش ويهنداسين.

سندس چوڻ موجب ايران هر خطري کي پنهنجي فوجي تياري، روڪڻ واري صلاحيت ۽ دفاعي طاقت وڌائڻ جو سبب بڻائيندو.

گذريل هفتي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير، ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فدان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان سان ڌار ڌار ٽيليفونڪ رابطا ڪري آمريڪا سان وڌندڙ ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

عراقچي خبردار ڪيو ته ايران ڪنهن به نئين "جارحيت” جو سخت جواب ڏيندو ۽ آمريڪي قدمن جا اثر سڄي وچ اوڀرجي علائقي تي پئجي سگهن ٿا.

ايران واشنگٽن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا نوان حملا ڪندو ته تهران به فيصلائتي جوابي ڪارروائي ڪندو.

سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي عراقچي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا، اسرائيل يا علائقي جو ڪو ملڪ اهڙين فوجي ڪاررواين ۾ شامل ٿيو ته ايران مناسب جواب ڏيندو.

ايراني سلامتي ادارن سان لاڳاپيل ميڊيا اداري نور نيوز دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جي توانائي واري ڍانچي تي حملو ڪيو ته ايران سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ اسرائيل جي تيل ۽ گيس جي تنصيبات کي نشانو بڻائيندو.

ٽرمپ جنهن معاهدي جو ذڪر ڪري رهيو آهي، اهو ڇا آهي؟

هن وقت آمريڪا، نه ايران ۽ نه ئي ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪن طرفان ان معاهدي بابت واضح تفصيل سامهون آيا آهن.

قطر، گڏيل عرب امارتون، ترڪيه ۽ پاڪستان سميت ڪيترائي علائقائي ملڪ ٻنهي ڌرين تي زور ڏئي رهيا آهن ته ڇڪتاڻ گهٽائي سفارتي ڳالهين ذريعي جنگ جو خاتمو آندو وڃي.

ترڪيه جي سرڪاري خابر اداري انادولو موجب پاڪستاني ۽ قطري ٽياڪڙن کي اميد آهي ته جلد آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رڪيل ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون.

ذريعن موجب هلندڙ هفتي جي آخر تائين ڳالهين ۾ هاڪاري اڳڀرائي جو امڪان موجود آهي.

هڪ سفارتي ذريعي موجب پاڪستان، قطر ۽ ٻين علائقائي ڀائيوارن واشنگٽن ۽ تهران سان رابطن ۾ آهن ته جيئن ٽرمپ کي نوان حملا روڪڻ تي راضي ڪرڻ کان پوءِ ڳالهين جو عمل ٻيهر بحال ٿي سگهي.

جون مهيني ۾ اسلام آباد ۽ دوها جي ڪوششن سان ٿيل جنگبندي جلد ختم ٿي وئي هئي، جنهن جو بنيادي سبب هرمز تي ڪنٽرول بابت اختلاف هو.

ٽرمپ هاڻي ٻيهر هرمز کي مڪمل طور کولڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جڏهن ته تهران پنهنجي اڳوڻي موقف تان هٽڻ جو ڪو اشارو ناهي ڏنو. ايران جو چوڻ آهي ته هو عمان سان گڏجي سامونڊي اچ وڃ جو انتظام ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر آمريڪا ۽ سندس اتحادي ان تجويز کي قبول نٿا ڪن.

ساڳئي وقت يمن ۾ ايران سان لاڳاپيل حوثي گروپ به باب المندب بابت ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب علائقي جي توانائي مارڪيٽن بابت خدشا وڌيڪ وڌي ويا آهن.

ڇا ڪنهن پيش رفت جو امڪان آهي؟

جنگ کي پنج مهينا گذرڻ باوجود تڪرار جي مڪمل خاتمي جا واضح آثار نظر نٿا اچن.

تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هرمز بابت واضح ۽ قابل عمل معاهدو نه ٿيو ته موجوده خاموشي صرف هڪ عارضي وقفو ثابت ٿي سگهي ٿي.

ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن تڪرار وڌيڪ ڊگهو ٿيو ته صرف آمريڪا ۽ ايران ئي نه، پر لبنان، فلسطين، عراق، يمن ۽ سڄو وچ اوڀر به ان جا وڌيڪ خطرناڪ نتيجا ڀوڳي سگهي ٿو.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔