قاضي فيض محمد: هارين جي حقن، جمهوريت ۽ سنڌ جي سڃاڻپ جو اڻٿڪ اڳواڻ
قاضي فيض محمد (1908ع – 1982ع) سنڌ جي انهن ناليوارن سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن مان هڪ هو، جن پنهنجي سموري زندگي هارين، پورهيتن، جمهوريت ۽ سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي حقن جي جدوجهد لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هو نه رڳو سنڌ جي هاري تحريڪ جو اهم اڳواڻ هو، پر هڪ مدبر سياستدان، قانوندان، اديب […]










