راجيو گاندي واري هندوستان سنڌين کي پراڪسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي: جيئي سنڌ محاذ جو اڳوڻو چيئرمين سيد غلام شاھہ

ھندوستان جي وزيراعظم راجيو گانديءَ واري هندستان سنڌين کي پراڪسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي سائين جي. ايم. سيد ڏاڍو ڪاوڙيو. اھو انڪشاف جيئي سنڌ محاذ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ سينيئر قومپرست اڳواڻ سيد غلام شاھہ ڪيو آھي جيڪو ھينئر ناليوارو وڪيل آھي.

ٽي ايس ايل جي پوڊڪاسٽ ۾ ميزبان شوڪت ڪورائي سان ڳالھائيندي شاھہ چيو تہ سائين جي ايم سيد 1972ع واري سنڌي ٻولي بل کي روڪرائڻ لاءِ گڏجاڻي ڪئي ڇو ته کيس خدشو هو ته ان سان سنڌي ۽ مهاجرن وچ ۾ جهيڙو ٿي سگهي ٿو۔ بل تي سڀئي متفق ٿين ته پوءِ ٺيڪ آھي ۽ جيڪڏھن انکي مناسب نموني نه آندو ويو ته اهو تڪرار جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔ سائين پريس ڪانفرنس بہ ڪرڻ وارو ھو. پنجاب جي لائين اها هئي ته سنڌ کي ٻہ لساني صوبي ۾ تبديل ڪيو وڃي۔

سيد غلام شاھہ سنڌ ۾ ٿيل 30 سيپٽمبر واري واقعي تي بہ ڳالھايو ۽ چيو تہ ان واقعي ۾ حيدرآباد اندر بنا فرق جي ماڻهو ماريا ويا. غلام شاھہ ان واقعي کي روڪڻ جي ھن ڪوشش ڪئي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔