عورت، سماج ۽ ادب: مزاحمت، سڃاڻپ ۽ مستقبل جو سوال

ٽي صديون اڳ، شاھ عبداللطیف ڀٽائي  مارئي کي ڳایو ۽ ٻڌایو تہ ڪیئن بادشاهه جي طاقت، محلن جي آسائش ۽ حڪمرانيءَ جي جبر کي ٿُڏي مارئي  پنهنجي ماروئڙن، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي سڃاڻپ سان وفاداري نڀائي.  اڄ، صدين پوءِ، سنڌ جون عورتون وري ساڳيو سوال کڻي بيٺيون آهن: عورت پنهنجي سماج ۾ ڪهڙي حيثيت رکي ٿي؟ ادب هن کي ڪيئن ڏٺو آهي؟ ۽ ڇا عورت رڳو ادب جو موضوع رهندي يا پاڻ پنهنجي تاريخ لکندي؟

اهڙي پسمنظر ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي عورت شاخ پاران “عورت، سماج ۽ ادب” جي عنوان سان هڪ ڏينهن واري “سنڌي ادبي عورت ڪانفرنس”، سنڌ جي سماجي، فڪري ۽ ادبي سفر جي هڪ اهم وقت  ۾ ٿيٖ رھي آهي. هي رڳو اديبن ۽ شاعرائن جو ميڙاڪو ناهي، پر آئون سمجھان ٿو تہ اهو سنڌي سماج جي ضمير سان هڪ فڪري مڪالمو آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي ٻهراڙيءَ واري اٿیل سياسي جدوجهد کان وٺي ناري تحريڪ جي قومي شعور تائين، ڪراچي جي ادبي محفلن کان وٺي ڄامشوري جي درسگاهن تائين، سنڌي عورتن ڏهاڪن کان جاگيرداراڻي ڍانچي،  پدرشاھي/ مرداڻي سماج، مذهبي انتهاپسندي، سماجي خاموشين ۽ ثقافتي پابندين خلاف لکيو، ڳالهايو ۽ مزاحمت ڪئي آهي. هي سيمينار انهيءَ ڊگهي تاريخي جدوجهد جو فڪري جائزو وٺڻ جي شاید نئین ابتدا ثابت ٿئي.

عورت، سماج ۽ ادب جو تعلق رڳو هڪ ادبي يا ثقافتي بحث ناهي، پر طاقت، سڃاڻپ، تاريخ ۽ سماجي ڍانچي جو سوال آهي. سماج عورت جي حيثيت، آزادي ۽ ڪردار جون حدون مقرر ڪري ٿو؛ ادب انهن حدن کي يا ته جائز بڻائي ٿو يا انهن خلاف بغاوت ڪري ٿو؛ جڏهن ته عورت پنهنجي تجربي، درد، شعور ۽ مزاحمت ذريعي ادب کي نیون معنائون ڏئي سماج کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ان ڪري عورت، سماج ۽ ادب جو تعلق هڪ ٻئي کان ڌار نه، پر هڪ ٻئي کي ٺاهيندڙ ۽ بدلائيندڙ آهي.

ادب ڪڏهن به مڪمل طور اڻ ڌُریو/غيرجانبدار نه رهيو آهي. انساني تاريخ جي وڏي حصي ۾ عورت ادب ۾ موجود ته رهي آھي، پر گهڻو ڪري مرد جي نظر سان. ڪڏهن محبوب، ڪڏهن قربانيءَ جي مورتي، ڪڏهن ماءُ، ڪڏهن فتني جي علامت. عورت جي پنهنجي آواز کي گهڻو وقت دٻايو ويو. ان ٻوساٽیل ماحول ۽ ڪرت کي جديد فيمنسٽ فلسفي چئلینج ڪیو؛ ۽  ادبي تنقيد انهيءَ خاموشيءَ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. سيمون ڊي بووار پنهنجي مشهور ڪتاب “دي سيڪنڊ سيڪس” ۾ لکيو ته عورت پيدا نه ٿيندي آهي، پر کيس سماج عورت بڻائيندو آهي. ورجينيا وولف چيو ته عورت کي لکڻ لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجي هڪ جدا ڪمري ۽ معاشي آزاديءَ جي ضرورت آهي. ايلين شوالٽر عورتن جي ادب کي پوئواري، احتجاج ۽ پاڻ سُڃاڻڻ جي مرحلن ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ڪيمبرلي ڪرينشا “انٽرسيڪشنيلٽي” ذريعي ٻڌايو ته عورت جو سوال رڳو جنس تائين محدود ناهي، پر طبقن، نسل، ذات، ٻولي، جاگرافي ۽ طاقت جي ٻين نظامن سان ڳنڍيل آهي. گائتري اسپيواڪ بیٺڪي/ نوآبادياتي سماجن جي عورتن بابت سوال اٿاريو ته ڇا ڏور ڪنڊ ۾ بیٺل عورت کي واقعي ڳالهائڻ جو حق مليو آهي يا اڃا به ٻيا سندس نمائندا بڻيل آهن؟

پر سنڌ لاءِ اهي بحث مڪمل طور ٻاهريان نه هئا. سنڌ وٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اڳي ئي موجود هو. مارئي، سسئي، سهڻي، نوري، سورٺ، ليلان ۽ مومل جهڙيون سورميون رڳو رومانوي ڪردار ناهن، پر اخلاقي، سماجي ۽ روحاني مزاحمت جون علامتون آهن. مارئي بادشاهه جي طاقت کي رد ڪري ٿي، سسئي جبل جھاڳي ٿي، نوري پنهنجي وقار سان رتبو ماڻي ٿي. شاهه جي دنيا ۾ عورت مرد جي ڪهاڻيءَ جو سينگار نه، پر اخلاقي مرڪز آهي. اها سنڌي فڪر جي وڏي انساني روايت آهي. ان کان به اڳ سومرا دور جي شاعر مرکان شيخڻ جو ذڪر ملي ٿو، جيڪا سنڌي ادب جي پهرين تاریخي طور رڪارڊ ٿيل عورت آواز طور سڃاتي وڃي ٿي.

جديد سنڌي عورت اديبائن جو اڳیان اچڻ به هڪ وڏي سماجي تبديليءَ سان ڳنڍيل هو. 1941ع ۾ گلي سدارنگاڻي جو ناول “اتحاد” سنڌي سماج ۾ هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو. هڪ هندو عورت ۽ مسلمان مرد جي محبت جي ڪهاڻيءَ تي ٻڌل اهو ناول سماجي حدبندين کي چئلينج ڪري رهيو هو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي هندو عورت اديبائن: پوپٽي هيرننداڻي، سندري اتمچنداڻي، تارا ميرچنداڻي، گيتا هيرننداڻي، ڪلا پرڪاش ۽ ٻين، هجرت، سڃاڻپ، عورت جي داخلي دنيا ۽ ثقافتي وڇوڙي جي درد کي قلمبند ڪيو. پاڪستان ۾ مهتاب محبوب، ثميره زرين، خيرالنساء جعفري ۽ سلطانه وقاصي جهڙين ليکڪائن عورت جي احساسن، سماجي دٻاءَ ۽ گهريلو حقيقتن کي ادب جو موضوع بڻايو.

پر 1980ع وارو ڏهاڪو هڪ وڏو موڙ هو. جنرل ضياءَ جي آمريت جي دور ۾ سنڌي عورتن جي سياسي ۽ ادبي مزاحمت نئين شڪل اختيار ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ، سنڌ جي تاريخ جي پهرين وڏي ترقي پسند عورتن جي منظم تحريڪ بڻجي سامهون آئي. جنھن خالص عورتن جي اڳواڻي ۾ جمھوریت جي بحالي، آمريت ، عورتن جي ورثي کان محرومي ۽ سياسي جبر خلاف جدوجهد ڪئي. ڪيترين عورتن جيل ڪاٽيا، رستن تي نڪتيون ۽ عورت جي سوال کي سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي سوال سان ڳنڍيو. ناري تحريڪ پڻ قومپرست حلقن ۾ عورتن کي منظم ڪيو.

اهو ئي دور هو جڏهن عورت جي لکڻين جو مزاج بدلجي ويو. هاڻي عورت ادب ۾ رڳو عشق يا داخلي احساسن تائين محدود نه رهي؛ احتجاج، جيل، رستا، سياسي مزاحمت، رياستي جبر ۽ سماجي ناانصافي ادب جو حصو بڻجي ويا. عطيه دائود پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻهراڙيءَ جي عورت جي خاموش درد کي سياسي مزاحمت ۾ تبديل ڪيو. شيخ اياز کيس سنڌي ٻوليءَ جي اهم ترين فيمنسٽ آواز قرار ڏنو. نورالهديٰ شاهه پنهنجي ڊرامن ذريعي حويلين ۾ قيد عورتن جي بغاوت کي پاڪستان جي گهر گهر تائين پهچايو. فهميده حسين تنقيدي فڪر ۽ تحقيقي ڪم ذريعي عورت ۽ ڀٽائيءَ بابت هڪ نئين علمي گفتگو پيدا ڪئي. امر سنڌو علمي پختگي، صحافت، مزاحمت ۽ عورت مارچ جهڙي سياسي سرگرميءَ کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو. شبنم موتي، شبنم گل کان وٺي سحر گل تائین؛ سحر امداد، رخسانہ پریت، ساڀیان سانگي، روبینہ ابڙو ۽ سوین جاندار ادبي نالا، ڏینھون ڏینھن غیر جمھوري ٿیندڙ سماج ۾ جرئت ۽ تخلیق جا حیران ڪن مثال آھن! نئين نسل جون بيشمار ليکڪائون ۽ ڪارڪن؛  صفيہ ڪنول ابڙو،مستجاب زهرا ۽ ٻيون ڪئي لیکڪائون هاڻي موسمياتي انصاف، جبري گمشدگين، غيرت جي نالي تي تشدد، ماحولياتي بحران، عورت جي بااختياري ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ عورت جي تحفظ بابت لکي رهيون آهن.

پر انهن سڀني ڪاميابين ۽ قلمي ۽ عملي پورھیي  کان پوءِ بہ  سنڌ جي عورت اڃا تائین ڪيترن ئي ڳنڀیر مسئلن، (جنھن ۾ سندس زندگي جو داءُ تي ھجڻ پڻ شامل آھي)کي منهن ڏئي رهي آهي. سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾  82سیڪڙو عورتون اڻ پڙھیل ۽ تعلیم کان وانجھیل آھن! آھي ڪو ان ڳالھ جو حساب ڏیڻ وارو؟!  ننڍپڻ جون شاديون، ڪاروڪاري، حق بخشائڻ، گهريلو تشدد، وراثت تان محرومي، زرعي مزدوريءَ ۾ استحصال، سياسي نمائندگيءَ جي کوٽ ۽ هاڻي آن لائين ھر اس  ڪرڻ؛ اهي سڀ مسئلا گڏجي عورت جي آزاديءَ کي محدود ڪن ٿا. خاص طور غريب، ۽ پوئتي پیل طبقن جي عورتن جا مسئلا اڃا به مرڪزي ادبي ۽ سياسي بحثن کان گهڻو پري آهن.

سنڌي ادب کي به اڃا گهڻو اڳتي وڃڻو آهي. عورت بابت لکڻ ۽ عورت جي نظر سان لکڻ ۾ وڏو فرق آهي. اڃا به گهڻن نصابي ڪتابن ۾ عورت کي رڳو گهر جي دائري تائين محدود ڏيکاريو وڃي ٿو. عورتن جي لکڻين جا آرڪائيو ڪمزور آهن. ترجما تمام گهٽ آهن؛ سنڌي فيمنسٽ ادب جو وڏو حصو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ موجود ناهي، جڏهن ته عالمي فيمنسٽ فڪر به سنڌي ٻوليءَ تائين تمام گھٽ پهتو آهي. پبلشنگ، ادبي انعامن ۽ تنقيد ۾ به عورتن ۽ پیٺل طبقن جي نمائندگي نہ ھئڻ جي برابر آهي.

دنيا ان ڏس۾ گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي. عورتن جي ووٽ جي حق کان وٺي مي ٽو تحريڪ تائين، عورتن رڳو ادب ۾ حصو نه ورتو آهي، پر عالمي ادبي ۽ فڪري دور جي وصف ۾ جاندار لاڙا شامل ڪیا آھن. چيمامانڊا نگوزي ايڊيچي، ارونڌتي راءِ، هان ڪانگ، اولگا ٽوڪارچڪ ۽ ايني ايرنو جهڙيون ليکڪائون ثابت ڪري چڪيون آهن ته عورت هاڻي ادب جي ڪنڊ ۾ بيٺل ڪردار نه، پر ادبي ۽ فڪري دنيا جي مرڪزي معمار آهي. گڏيل قومن جي ادارن ۽ عالمي پاليسين پڻ صنفي انصاف کي رڳو سماجي نه، پر ترقي، جمهوريت ۽ امن جو بنيادي سوال قرار ڏنو آهي.

سنڌ لاءِ به سبق بنھ چٽا آهن. هتي جي صوفي روايت، انسان دوست فڪر، هارين جي تحريڪن ۾ عورتن جي شموليت، ۽ اها حقيقت ته سارين جي رونبي ۾ ڪم ڪندڙ عورت به سيمينار جي اسٽيج تي ويٺل عورت جيتري اهم آهي، اهي سڀ سنڌ جا وڏا فڪري اثاثا آهن. سنڌ کي پنهنجي تاريخي شعور مان نئين واٽ ڪڍڻي پوندي. عورت جي آزادي نعرن کان گھڻي اڳتي؛ تعليم، معاشي خودمختياري، قانوني تحفظ، ادبي آزادي، ثقافتي تبديلي، سياسي شموليت ۽ سماجي انصاف جي گڏيل عمل سان آھي.

۽ شايد انهيءَ ڪري “عورت، سماج ۽ ادب” بابت هي سيمينار رڳو هڪ ادبي تقريب نه، پر هڪ تاريخي تسلسل جي نئين تجديد آهي. اها ساڳي دعوت آهي جيڪا مارئي صدين اڳ ڏني هئي، جڏهن هن بادشاهه کي انڪار ڪيو هو. اڄ ڪراچي ۾ سنڌ جون عورتون انهيءَ انڪار کي نئين زبان، نئين شعور ۽ نئين مستقبل سان ٻيهر ورجائي رهيون آهن.

1 خیال ”عورت، سماج ۽ ادب: مزاحمت، سڃاڻپ ۽ مستقبل جو سوال“ پر

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔