
قائدعوام يونيورسٽي آف سائنس، انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (ڪوئسٽ) نوابشاهه ۾ ايراسموس + ڪيچ_وي آر پروجيڪٽ ھٺ جديد اي آر وي آر ۽ ڊجيٽل ٽوئن ليب قائم ڪئي وئي.
ايراسموس + ڪيچ وي آر پروجيڪٽ جي حصي طور قائم ڪيل اي آر وي آر ۽ ڊجيٽل ٽوئن ليب جي افتتاحي تقريب 7 مئي 2026 تي يونيورسٽيءَ جي سافٽ ويئر انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ، ۾ منعقد ڪئي وئي.
ڪوئسٽ جي وائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڪشن چند مڪوانا، پروجيڪٽ آفيسر ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر پرديپ ڪمار ۽ يونيورسٽيءَ جي ڊينز سان گڏ ليب جو رسمي طور تي افتتاح ڪيو.
ڪوئسٽ پاڪستان ۽ يورپ جي اٺن يونيورسٽين تي ٻڌل هڪ عالمي ڪنسورشيم آهي جنهن جو مقصد انجنيئرنگ جي تعليم اندر عملي سکيا، اي آر وي آر ٽيڪنالاجيز، ۽ ڊجيٽل ٽوئن سان ڳنڍيل جدت کي وڌائڻ آهي. ڪوئسٽ نوابشاهه هن ڪنسورشيم جي هڪ اهم ميمبر آھي ۽ ان حيثيت ۾ شاگردن کي مستقبل لاءِ تيار لاءِ تحقيق، صلاحيت جي اڏڻ، ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ ليبارٽريز ۽ سکيا جي ماحول جي ھٿي ڏيڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
نئين تيار ٿيل ڊجيٽل ٽوئن ليب جدت، تحقيق ۾ سھڪار۽ صنعت تي ڌيان ڏيڻ واري سکيا جي مرڪز طور ڪم ڪندي جيڪا شاگردن ۽ محققن کي عملي ٽيڪنالاجيز، ورچوئل سموليشنز، ڊجيٽل ماڊلنگ، ۽ سمارٽ انجنيئرنگ ايپليڪيشنز ۾ عملي تجربو ڪرڻ لاءِ موجود ھوندي.
اي آر ۽ وي آر ڇا آھن؟
اي آر جيڪا آگمينٽڊ ريئلٽي جو مخفف آھي سا جديد ٽيڪنالاجيز مان ھڪ آھي جيڪا ڊجيٽل دنيا کي حقيقي تجربي سان ڳنڍي ٿي. هن ۾ حقيقي دنيا ۾ ڊجيٽل شيون شامل ڪيون وينديون آهن. مثال طور موبائيل ڪيمرا ذريعي توهان جي ڪمري ۾ ٽہ طرفي (ٿري ڊي) ماڊل يا معلومات ٿا ماحول ڏيکاري سگھجي ٿو. وي آر، ورچوئل ريئلٽي جو شارٽ فارم آھي جنھن ذريعي ماڻهو ھڪ ھيڊسيٽ پائي مڪمل طور تي هڪ مجازي يا ڪمپيوٽر سان ٺهيل دنيا ۾ داخل ٿي ويندو آهي. مثال طور ورچوئل گيمنگ ۽ فلائيٽ سيموليٽر. ھيءَ ٽيڪنالاجي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ٽريننگ، تعليم ۽ انجنيئرنگ ۾ فائدا ڏئي رھي آھي. ھن ذريعي شاگرد عملي سکيا حاصل ڪن ٿا، خطرناڪ تجربا محفوظ طريقي سان ڪري سگهن ٿا، ٿري ڊي ماڊلز ۽ ڊجيٽل ٽوئن ذريعي بهتر سمجهه پيدا ٿئي ٿي ۽ صنعتن لاءِ جديد مهارتون سکڻ ۾ مدد ملي ٿي. — ٽي ايس ايل















