پنو عاقل جي ڪچي ۾ اوڳاھي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا، ھڪ زخمي

ان جھيڙي جو اصل سبب اڃان سامھون نہ آيو آھي پر ابتدائي ۽ اڻ تصديق تيل اطلاعن موجب ٻيھي ڌرين وچ ۾ مال جي ڀيل تان ناراضگي ھئي. ڌڪي ڌر الزام ھنيو آھي تہ حملو ڪندڙن کانئن مال فرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي مٿن فائرنگ ڪئي.

ان حملي ۾ ٽي ايس ايل کي مليل خبر موجب 2 ماڻھو ھڪ اعجاز اوڳاھي موقعي ٿي مري ويو ۽ ٻيو مجيد اوڳاھيءَ اسپتال ۾ دم ڏنو. فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو سرور زخمي ٿيو جنھن جو علاج ھلندڙ آھي. حملي ۾ مارجي ويل ۽ زخمي سڳا ڀائر آھن.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔