علي بابا
ڪارونجھر مٿان لڳاتار مانسون ھوائن جا گھيرا ھئا. مينهن ڪاريون واريون ڪيو پئي وٺو. رکي رکي اتر کان ٻڪرال چھبڪ جيان وٽ کائي چمڪاٽ ٿي ڪيا ۽ ڪارونجھر جي اتاھين چوٽين مٿان اوچتو مڇريل ڪوراڙ بلا جيان ڇارپ ڪري جھٽ ھڻي، ھانءُ ڏاريندڙ ڪڙڪي سان، ڪارونجھر جي ڦاڙن ۾ لھي ٿي وئي. ڪارونجھر ۾ زلزلي جھڙو پڙاڏو پئدا ٿيو ٿي ويو. ڄڻ انگريزن جون توفون ڇڙي ٿي ويون. ننگر پارڪر، سورا چند، اڌيگام، ڀوڏيسر، راڻپور ۽ اينچلاشور جي وسندين ۾ پري پري تائين خوف جي لھر ڊوڙي ٿي وئي. سمين، سوڍين، سومرين، ٺڪراڻين، رٻاڻين ۽ ڪولھياڻين جا ھانو ڄڻ ڦسي ٻه اڌ ٿي پيا ھئا. توفن جي ڏھڪايل ٻارڙن کان خوف جا ڊيھا ۽ سياٽا ڇڏائي ٿي ويا. نينگرين جا نيڻ ڏس ته نيسارا ڪريو پيا وھن، رت نه ٺھي ڪنهن مک ۾. ساري ڪارونجھر جي جھروڪي جھروڪي جھانءِ ھئي، چؤنري چؤنري روڄ ھو. مڙساڻي پھر ڪانه بتي ھئي، جو کڻي ڏڍ ڏئين. ڪارونجھر جو ذات رڻو، ٺڪر، کوسو، راٺوڙ، سمون، سومرو، پرمار ۽ ڪولھي انگريزن جي توفن سان سينو سھائيندي، ڪارونجھر مٿان ڪسجي ويو ھو. ڪارونجھر جا ڦاڙ، ڀٽياڻي ۾ گوڏڌرو وارا گھارا سندن لاشن سان سٿجي ويا ھئا. وڏي ويڙھاند کان پوءِ انگريزن جي گوجي اڳواڻن ڪولھياڻين تي رڳو ايترو رحم کاڌو جو کين ڪارونجھر جي ڦاڙن مان، پنهنجن وارثن جا لاشا کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني ھئائون. ڪيترن کي پوري ڪيترن کي پورجي؟ ڪنهن لاءِ شمشان ٻاري ڪنهن لاءِ ٻارجي؟ ساڙڌرو جي پاڪ پوتر جھرڻي ۾ ڪنهن جي رک لوڙھي، ڪنهن ڪنهن جي لوڙھجي؟ ھانو تي ھٿ ھڻي ڪنهن لاءِ پٽڪارو ڪري ڪنهن لاءِ پٽجي؟ سارو ڪارونجھر لاش ئي لاش ھو، رت ئي رت ھو. پر الله سائين کي ڄڻ ٻاجه پئجي وئي. ڪارونجھر مٿان ڪارا ڪڪر ڪڙڪاٽ ڪندا آيا ۽ مينهن ڪاريون ڪري ڇڏيون. گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻيءَ جا آواز ڪارونجھر جي چوٽين کان مٿي، آسمان تائين ٿي ويا. ڪولھياڻين وڏي مڙسي ڪئي. ھڪ ھڪ ساٿيءَ جو لاش چمي چمي، گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻيءَ ڦاڙ ۾ لوڙهي ڇڏيائون ۽ مينهن رت جا درڳ ڌوئي ڇڏيا.


