جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي
”سائين هي سگريٽ موٽائي وٺ، مون کي ٻه آنا ڏي ته ڀڳڙا وٺي کاوان، مون کي راتا ڪون بک آهي!“ ادا، هي مثال نهايت عاميانه آهن، انهن ۾ ڪائي افسانوي رومانيت نه آهي ۽ اهي ڪنهن به اديب لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ٿي سگهن ٿا. پر مان ڇا ڪيان! منهنجي تصور جو کهنبو زندگيءَ جي ڪلهي ڦاٽل ڪنجري کي لڪائي ته نٿو سگهي! روز اهڙا مثال ڏسي، منهنجو هيانءُ ڪچو ٿيندو آهي. مان شاعر آهيان: ٻوليءَ جو وينجهر آهيان، ماڻڪن موتين جهڙا لفظ جڙيندو رهيو آهيان. مون زندگيءَ جي زلفِ دراز ۾ گلاب جا گل اٽڪايا آهن ۽ ان جي منهن کي شبنم سان ڌوتو آهي. مان اهو بتگر آهيان، جنهن حسين ترين لفظ گهڙي، ڇلي، انهن مان عجيب غريب صنمخانو بڻايو آهي. منهنجي دنيا حسن جي دنيا آهي، منهنجي تخليق حسن جي تخليق آهي. منهنجو ان سان ڇا ته ڪنهن جا ٻچا پگهار نه ملڻ سبب عيد نه ڪري سگهندا، ڪنهن کي راتوڪون بک آهي، ڪنهن ممتا ماريءَ ماءُ کي ٿڻن ۾ ٿڃ ان ڪري نه آهي جو پوري غذا ۽ دوا نٿي مليس! اهي ته غير شاعرانا تصور آهن. انهن سان حسن جي ڪائي تخليق ٿي نه سگهندي! انهن کي ڪير پڙهندو! ڪير پڙهندو؟ اي بي معنيٰ انسان، هاڻي توکي ڪير ٿو پڙهي! فقط اهي چار في صدي انسان، جن جي ابي ڏاڏي جي مالي حيثيت ايتري هئي جو انهن کي جديد تعليم بهره ور ڪري سگهي! نه، نه، اهي به نه! انهن مان به ٽي في صدي ته پنهنجي ڦرلٽ ۽ وٺ – پڪڙ ۾ ايترو مصروف آهن، جو انهن کي تنهنجيءَ حسن جي تخليق تي نظر ڪرڻ جي فرصت به نه آهي، شايد هو تنهنجيءَ آرائينءَ جي جهول کان، ڪنهن قحبه خاني ۾، ڪنهن حسين جسم جي تربت تان مرجهايل گل چونڊڻ پسند ڪندا! آخر تون ڪنهن لاءِ ٿو لکين؟ پر جي مان انسان جي بک ڏک، اهنج ايذاءَ جي باري ۾ لکان، تڏهن به ته مونکي اهو ئي تعليم يافته سرمائيدار ۽ مٿيون وچولو طبقو پڙهي سگهندو! نه، نه! اهڙيءَ ادبي تخليق کي انهن مان ڪوبه نه پڙهندو، ڪو به نه، باقي هڪ في صدي به نه! تڏهن مان ڪنهن لاءِ لکان؟ هيءَ راتوڪيءَ بک وارو بروهي ته پڙهي ڪونه ڄاڻي ۽ جي ڄاڻي به ته، هن جي بک منهنجي تخليق جي مطالعي مان ته نه لهندي! قلم، قلم، قلم! هن وقت ساري مشرق ۾ قلم ڪائي معنيٰ نه ٿو رکي. قلم انسان جي بک مٽائي نه ٿو سگهي. جي انهيءَ بک کي مٽائڻ لاءِ تو حالات سان ٽڪر نٿو کائين، اي قلمڪار! تون به زندگيءَ جي غظيم گنهگارن مان آهين ۽ تاريخ جي روز حساب وقت تون به ڪنهن معافيءَ جو مستحق نه آهين. ڪئينس روڊ، سکر 1 جولاءِ 1961


