پرڏيهي عورتن سان مبينا زيادتي ڪيس: حلف تي ڏنل بيان ۾ متاثر عورت جا سنسني خيز انڪشاف

ٻنهي عورتن پنهنجا بيان قلمبند ڪرايا، ساڳئي ڏينهن پوليس ٻنهي جي بازيابي کانپوءِ پنجن جوابدارن خلاف اغوا ۽ جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو. گرفتار ٿيل چئن جوابدارن ۾ هڪ بااثر سياسي شخصيت جو ويجهو مائٽ پڻ شامل آهي، جن کي عدالت پنجن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

شڪايت ڪندڙ، جيڪا هالينڊ جي شهري آهي، پنهنجي مرضي سان فوجداري ضابطن (سي آر پي سي) جي سيڪشن 164 تحت بيان قلمبند ڪرايو. سندس بيان ڊفينس سي پوليس ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر جي جاچ دوران رڪارڊ ڪيو ويو.

ڪيس ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 375-A (زيادتي) ۽ 365-A (ڀنگ لاءِ اغوا) سميت سنگين سيڪشنز شامل ڪيون ويون آهن.

متاثر عورت موجب، هوءَ ۽ سندس وينزويلا سان تعلق رکندڙ ساٿي 26 جون 2026ع تي پاڪستان پهتيون. هنن جو چوڻ آهي ته کين هڪ مقامي ڪاروباري ساٿي دعوت ڏني هئي، جنهن سان سندن ملاقات آڪٽوبر 2025ع ۾ سنگاپور ۾ ٿي هئي.

هن الزام هنيو ته مک جوابدار پاڻ کي حڪومت جي بااثر شخصيتن سان ويجهڙائپ رکندڙ ظاهر ڪيو ۽ سندن ڪمپني لاءِ وڏن سيڙپڪارن سان ملاقاتن جو بهانو بڻائي پاڪستان جا ويزا حاصل ڪرائي ڏنا.

ھن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ دوران هنن نٿيا گلي جو سير ڪيو ۽ ڪاروباري گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ 29 جون تي ڪار ذريعي لاهور روانا ٿيا.

سندس چوڻ موجب، جوابدار کين هڪ جديد گهر ۾ پنهنجي مائٽ جي سالگرهه ملهائڻ جي بهاني وٺي ويو، پر گهر اندر داخل ٿيڻ شرط معلوم ٿيو ته عمارت خالي هئي.

اٽڪل 15 منٽن کانپوءِ هٿيارن سان ليس چار ڄڻا گهر ۾ گهڙي آيا جن وٽ رسيون بہ ھيون تن ٻنهي عورتن جا هٿ پٺيان ٻڌي مٿن تشدد ڪيو.

متاثر عورت دعويٰ ڪئي ته شروعات ۾ مک جوابدار پاڻ کي به اغوا ٿيل ظاهر ڪندو رهيو، پر پوءِ واضح ٿيو ته هو هٿياربند ٽولي سان ملي ڀڳت ۾ شامل هو.

هن وڌيڪ الزام هنيو ته اغوا ڪندڙن شروعات ۾ ٻہ ملين آمريڪي ڊالر ڀنگ گھريو ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن رقم نه ملي ته ٻنهي کي قتل ڪري سندن عضوا وڪرو ڪيا ويندا.

شڪايت ڪندڙ موجب، ٻنهي عورتن کي الڳ الڳ ڪمرن ۾ رکيو ويو؛ کيس هيٺئين ماڙ تي هٿياربند نگراني هيٺ رکيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي مٿئين ماڙ تي هئي.

رات جو مک جوابدار ۽ سندس هڪ ساٿي، جنهن کي هو "باس” سڏيندا هئا، زبردستي سندس موبائل کسي سندس ڪرپٽو ڪرنسي اڪائونٽن مان 17 هزار آمريڪي ڊالر منتقل ڪري ورتا.

ھن مطابق، کيس بار بار مجبور ڪيو ويو ته هوءَ پنهنجي گهرڀاتين ۽ دوستن کي وائس نوٽس موڪلي رقم جي اپيل ڪري. بهرحال، هن پنهنجي پيغامن ۾ اڳواٽ طئي ٿيل خفيه ڪوڊ لفظ "ڪارليٽوس” شامل ڪيو، جنهن بعد يورپ ۾ موجود سندس گهرڀاتين فوري طور بين الاقوامي ۽ مقامي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اطلاع ڏنو.

هن الزام هنيو ته 30 جون تي ڪاري مقامي لباس ۾ ملبوس هڪ هٿياربند شخص سندس ڪمري ۾ داخل ٿي ساڻس جنسي زيادتي ڪئي.

پهرين جولاءِ تي مک جوابدار کين اهو چئي ڪار ۾ ويهاريو ته هو هوائي اڏي وٺي وڃي رهيو آهي، پر هن پنهنجي لڪايل موبائل ذريعي رستو ڏسي محسوس ڪيو ته هو کين گمراهه ڪري رهيو آهي ۽ "باس” سان مسلسل رابطي ۾ آهي.

هن چيو ته جڏهن کين شڪ ٿيو ته کين ڪنهن ٻي هنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي ته ٻنهي عورتن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ان دوران سندن گاڏي اڳيان هلندڙ ڪار سان هلڪو ٽڪ ٿيو، جنهن جو فائدو وٺندي ٻئي عورتون هلندڙ گاڏي مان ٽپو ڏئي ڀرسان هڪ مڪينڪ جي ورڪشاپ ۾ وڃي پناهه ورتي.

متاثرعورت مطابق، ٽريفڪ پوليس جي هڪ اهلڪار ٻنهي کي ڏسي فوري طور امدادي ٽيم گهرائي. شديد ذهني صدمي سبب ٻئي عورتون شروعات ۾ پوليس کان به ڊڄي ويون، پر ٿوري دير بعد سينيئر پوليس آفيسرن ۽ هڪ عورت پوليس آفيسر کين اعتماد ۾ ورتو ۽ ٻڌايو ته سندن اغوا واري ڪيس تي گذريل 48 ڪلاڪن کان جاچ جاري هئي.

بعد ۾ ٻنهي کي محفوظ طريقي سان ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، جتي سندن سرڪاري بيان قلمبند ڪيا ويا.

جوڊيشل مئجسٽريٽ ان ڳالهه جي تصديق کانپوءِ ته متاثرعورت بنا ڪنهن دٻاءُ جي پنهنجو بيان ڏنو آهي، بيان سيل ڪري ڇڏيو ته جيئن جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي اڳتي وڌائي وڃي.

وينزويلا سان تعلق رکندڙ ٻي عورت پڻ الڳ بيان قلمبند ڪرايو، جيڪو گهڻي حد تائين هالينڊ جي شهري جي بيان سان مطابقت رکندڙ هو.

40 ورهين جي ھن عورت چيو ته سندس به مک جوابدار سان پهرين ملاقات سنگاپور ۾ ڪرپٽو ڪرنسي بابت هڪ تقريب دوران ٿي هئي. هن جي ساک تي ڀروسو ڪندي، هن ۽ سندس ساٿي ساڻس ڪاروباري ڀائيواري شروع ڪئي.

سندس چوڻ موجب، جوابدار پاڻ کي هڪ اعليٰ سرڪاري وزير جو پٽ ظاهر ڪندو هو ۽ ميسيجنگ ايپ تي اڳوڻي وزيراعظم سان گڏ پنهنجي تصوير ڏيکاري اعتماد حاصل ڪيو.

انهن دعوائن تي ڀروسو ڪندي هو پاڪستان اچڻ تي راضي ٿيون، پر هتي پهچڻ بعد کين هڪ اڪيلائي واري گهر ۾ وٺي وڃي هٿ ٻڌي يرغمال بڻايو ويو.

ھن موجب، قيد دوران مک جوابدار بار بار سندس ڪمپيوٽر تائين رسائي ۽ مالي اثاثن بابت پڇا ڳاڇا ڪندو رهيو ۽ ڌمڪيون ڏيندو رهيو ته جيڪڏهن رقم نه ملي ته ٻنهي کي قتل ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ الزام هنيو ته قيد دوران کين مسلسل هراسان ڪيو ويو ۽ اتي موجود ٻن ماڻهن ساڻس جنسي زيادتي ڪئي. سندس چوڻ موجب، اغوا ڪندڙن ٽٽل شيشي جا ٽڪرا ڏيکاري جسماني نقصان پهچائڻ جون به ڌمڪيون ڏنيون.

هن پنهنجي بيان ۾ چيو، "اتي هڪ ٻيو شخص به هو، جيڪو هٿيار کڻي بيٺل ٻين ماڻهن کان مختلف هو ۽ تمام سٺي انگريزي ڳالهائيندو هو.” – ٽي ايس ايل مانيٽرنگ ڊيسڪ

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔