راوي درياهه جي ٻوڏ واري پٽي تي لاهور جي تيز شهري واڌ، سپارڪو جي سيٽلائيٽ تجزيي ٻوڏ جي وڌندڙ خطري جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

سپارڪو پنهنجي ويب پورٽل "Space4Climate” تي 1990ع ۽ 2025ع جون لينڊ سيٽ (Landsat) سيٽلائيٽ تصويرون جاري ڪيون آهن، جن جي ڀيٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته گذريل ساڍن ٽن ڏهاڪن دوران لاهور جي شهري آبادي ۽ انفراسٽرڪچر وڏي پيماني تي راوي درياهه جي ڪنارن ۽ انهن علائقن تائين وڌي ويا آهن، جيڪي اڳ زراعت يا درياهه جي قدرتي وهڪري جو حصو هئا.

رپورٽ موجب 1990ع ۾ شهري آبادي نسبتاً محدود هئي ۽ درياهه کان مناسب فاصلي تي واقع هئي، جڏهن ته ان وقت راوي درياهه جو وهڪرو به وڌيڪ ويڪرو ۽ قدرتي صورت ۾ موجود هو. پر 2025ع تائين غيرمنظم شهري واڌ سبب ٻوڏ واري پٽي وڏي حد تائين محدود ٿي وئي آهي، جنهن سان دريانھہ جي اضافي پاڻي جذب ڪرڻ ۽ ٻوڏ جي وهڪري کي سنڀالڻ جي قدرتي صلاحيت گهٽجي وئي آهي.

سپارڪو خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن وڏيون بارشون يا ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي ته پاڻي مولائيءَ سان ڪنارن کان ٻاهر نڪري رهائشي علائقن ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، جنهن سان جاني ۽ مالي نقصان سان گڏ انفراسٽرڪچر ۽ ماڻهن جي روزگار کي به شديد خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته راوي درياهه جي صورتحال جو هڪ اهم سفارتي پاسو پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته 1960ع جي سنڌ طاس ٺاھہ (Indus Waters Treaty) ھيٺ راوي، ستلج ۽ بياس درياهن جو پاڻي ڀارت جي حصي ۾ ڏنو ويو هو. ان ڪري سرحد کان هيٺ پاڪستان ۾ راوي درياهه سال جي اڪثر حصي دوران خشڪ رهندو آهي ۽ رڳو برساتن يا ٻوڏ جو پاڻي ڇڏڻ وقت ئي وهڪرو وڌندو آهي.

رپورٽ موجب ماضي ۾ ڀارت ٺاھہ ھيٺ پاڪستان کي اڳواٽ ٻوڏ بابت اطلاع، پاڻي جي سطح ۽ وهڪري جا روز انگ اکر فراهم ڪندو هو، پر 2025ع کان پوءِ ڀارت پاران سنڌ طاس ھيٺ کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ ۽ معلومات جي فراهمي بند ڪرڻ سبب پاڪستان کي راوي درياهه ۾ اوچتن وهڪرن بابت اڳواٽ چتاءُ ملڻ به بند ٿي ويو آهي.

سپارڪو زور ڀريو آهي ته راوي درياهه جي ٻوڏ واري پٽي ۾ وڌيڪ قبضا ۽ تعمير روڪڻ لاءِ سخت زوننگ قانون لاڳو ڪيا وڃن، درياهه جي قدرتي رستي کي محفوظ بڻايو وڃي ۽ شهري رٿابندي ۾ درياهه جي فطري وهڪري ۽ ٻوڏ جي خطرن کي بنيادي حيثيت ڏني وڃي، جيئن مستقبل ۾ امڪاني تباهي کان بچي سگهجي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔