ذڪيہ دنيا جي سڀ کان مٿاھين چوٽي مائونٽ ايورسٽ سر ڪندڙ پھرين افغان عورت بڻجي وئي

ذڪيه 8,848 ميٽر مٿاھين هن چوٽي تي پهچندڙ افغانستان جي پهرين عورت بڻجي وئي آهي، جنهن سان نه رڳو افغانستان پر سڄي علائقي ۾ عورتن جي حوصلي ۽ همت بابت نئون مثال قائم ٿيو آهي.

افغان صوبي غزني سان تعلق رکندڙ ذڪيه ريور احمد اڄ صبح 7 لڳي 20 منٽن تي مائونٽ ايورسٽ جي چوٽي تي پهتي. هن اها مهم آسٽريليا مان حاصل ڪيل سفري دستاويزن ۽ اجازت نامي جي بنياد تي مڪمل ڪئي. ذڪيه ڪجهه عرصو اڳ افغانستان جي بدلجندڙ سياسي ۽ سماجي حالتن سبب آسٽريليا منتقل ٿي وئي هئي، جتي هن پنهنجي زندگيءَ کي نئين سر ترتيب ڏيڻ سان گڏ جبل چڙهڻ واري مشن تي به ڪم شروع ڪيو.

ذڪيه جي ڪاميابي کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ افغان برادري وڏي فخر سان ڏسي رهي آهي. سوشل ميڊيا تي به سندس همت ۽ جذبي کي ڀرپور ساراهيو پيو وڃي. ڪيترن ئي مبصرن جو چوڻ آهي ته ذڪيه جي ڪاميابي افغان عورتن لاءِ اميد، آزادي ۽ خوداعتمادي جي علامت بڻجي وئي آهي.

ٻئي پاسي پاڪستاني ڪوهنورد سلمان عتيق پڻ دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ کي سر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. سلمان عتيق اڄ صبح 11 لڳي 49 منٽن تي ايورسٽ جي سمٽ تي پهتو. اسلام آباد سان تعلق رکندڙ سلمان عتيق ايورسٽ سر ڪندڙ پاڪستان جو 14هون ڪوھہ پيما بڻجي ويو آهي.

سلمان عتيق جي ڪاميابي کي پاڪستان لاءِ هڪ اهم اعزاز قرار ڏنو پيو وڃي. هن کان اڳ پاڪستان جا ڪيترائي مشهور ڪوحڳ پيما دنيا جي بلند ترين چوٽين کي سر ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري چڪا آهن، پر سلمان عتيق جي اها ڪاميابي نوجوان نسل لاءِ خاص طور تي اتساهه جو سبب بڻجي رهي آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته مائونٽ ايورسٽ کي سر ڪرڻ دنيا جي سڀ کان ڏکين ۽ خطرناڪ مهمن مان هڪ سمجهي وڃي ٿي، جتي انتهائي ٿڌ، گهٽ آڪسيجن ۽ سخت موسمي حالتن باوجود ڪوھہ پيما پنهنجي عزم ۽ تربيت جي بنياد تي ڪاميابي حاصل ڪندا آهن. ذڪيه ريور احمد ۽ سلمان عتيق جي ڪاميابين کي ڏکڻ ايشيا جي نوجوانن لاءِ همت، جدوجهد ۽ حوصلي جي علامت طور ڏٺو پيو وڃي۔ ٽي ايس ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔