ڀارتي نوجوانن جي ڪاڪروچ پارٽي سوشل ميڊيا فالوئنگ ۾ بي جي پي سميت ڪيترين ئي پارٽين کا اڳتي نڪري وئي

ڀارتي چيف جسٽس جي نوجوانن بابت ڏنل ريمارڪس ملڪ ۾ باھہ ٻاري ڇڏي آھي. ڀارتي نوجوانن چيف جسٽس جي ريمارڪس کي ڪجھہ اهڙي نموني ورتو، ڄڻ هو کين “ڪاڪروچ” سڏي رهيو هجي..

چيف جسٽس پنھنجي بيان کانپوءِ معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وضاحت ڏني ته هن انهن ماڻهن کي “ڪاڪروچ” سڏيو جيڪي ڪوڙين ڊگرين جي بنياد تي مختلف پيشن ۾ داخل ٿين ٿا. پر تيسيتائين دير ٿي چڪي هئي ۽ سوشل ميڊيا تي هڪ مهم شروع ٿي وئي هئي. نوجوانن “ڪاڪروچ جنتا پارٽي” نالي ھڪ سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو..

ڏسندي ئي ڏسندي پارٽيءَ جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ فالوورز ٿي ويا آهن، جيڪا ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي ۽ ٻين ڪيترين ئي پارٽين جي فالوئنگ کان به وڌيڪ آهي..

هن پارٽي جو ميمبر ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سست ۽ بيروزگار سڏائڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي.

ڀارت ۾ 18 کان 29 سالن جي عمر وارن نوجوانن جو گروپ دنيا ۾ سڀ کان وڏو سمجھيو وڃي ٿو. هي گروپ سڀ کان وڌيڪ پڙهيل لکيل به آهي ۽ پنهنجي مستقبل بابت وڏا هدف به رکي ٿو. پر هن گروپ ۾ وڏي انگ ۾ نوجوان بيروزگار آهن، جيڪي هاڻي پنهنجي آواز کي بلند ڪري رهيا آهن..

ڀارت ۾ مهانگائي به وڌي رهي آهي ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته نوجوان ان صورتحال کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن.

“ڪاڪروچ پارٽي” جو بنياد وجهندڙ اڀيجيت ديپڪ جو چوڻ آهي ته بي جي پي جي پاليسين سبب نوجوانن جون زندگيون متاثر ٿيون آهن ۽ ان جا ذميوار اهي حڪمران آهن، جيڪي نوجوانن جي مسئلن کي سنجيدگي سان نٿا وٺن. — ٽي ايس ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔