ايران ۽ آمريڪا ٻن هفتن جي جنگ بندي تي متفق
پاڪستان اربع ڏينهن اعلان ڪيو ته اسلامي جمهوريه ايران ۽ آمريڪا پنهنجن اتحادين سان گڏ لبنان سميت فوري طور تي جنگ بندي تي متفق ٿيا آهن ۽ تڪرارن جي مستقل حل تائين پهچڻ جي مقصد سان ڳالهين لاءِ پنهنجن وفدن کي 10 اپريل تي اسلام آباد ۾ دعوت ڏني آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ايڪس تي صبح سوير هڪ پوسٽ ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪيو ان قدم جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڌرين وڏي دانشمنديءَ ۽ سمجھ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ امن ۽ استحڪام جي مقصد کي اڳتي وڌائڻ ۾ تعميري نموني مصروف رهيا آهن، ھن اميد ظاهر ڪئي ته ‘اسلام آباد ڳالهيون’ پائيدار امن لاءِ ڪامياب ٿينديون ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ ھاڪاري اڳڀرائي ٿيندي.
وزيراعظم، جنهن جنگ بندي جي ٽياڪڙيءَ ۾ مدد ڪئي، 10 اپريل تي ٻنهي ملڪن جي وفدن کي اسلام آباد ۾ "سڀني تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ حتمي معاهدي لاءِ وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ” جي دعوت پڻ ڏني.
ساڳئي وقت ٻئي طرف وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ چيو ته آمريڪا اڃا تائين متفق نه ٿيو آهي.
ليوٽ چيو تہ ذاتي طور تي ڳالهين بابت ڳالهہ ٻولھہ ٿي رهي آهي پر صدر يا وائيٽ هائوس پاران اعلان ڪرڻ تائين ڪجهه به حتمي ناهي.
وائيٽ هائوس جي هڪ آفيسر تصديق ڪئي ته اسرائيل بہ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ بندي جي معاهدي تي پڻ متفق ٿي چڪو آهي.
اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو پنھنجي بيان موجب چيو تہ اسرائيل ٽرمپ جي فيصلي جي حمايت ڪئي آھي پر چيو ته جنگ بندي ۾ لبنان شامل ناهي.
اسٽريٽ آف ھرمز ۾ ‘ٽريفڪ جي جمع ٿيڻ واري معاملي’ ۾ مدد ڪندس
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا اسٽريٽ آف ھرمز ۾ ٽرئفڪ جي جمع ٿيڻ واري معاملي ۾ مدد ڪندو. ھو اھا ڳالھہ واشنگٽن ۽ تهران جي جنگ بندي تي اتفاق ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ ڪري رھيو ھو.
"تمام گهڻو ھاڪاري نتيجو نڪرودو! وڏو پئسو ڪمايو ويندو. ايران نئين سر تعمير جو عمل شروع ڪري سگهي ٿو.”
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته آمريڪا "هر قسم جي سامان سان سميت هوندو ۽ صرف چڪر ھڻندو رهندو ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته سڀ ڪجهه ھلي رھيو آھي. مون کي يقين آهي ته اهو ايئن ئي ٿيندو.”



