جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ

جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان پارٽي چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21 جنوري تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي. ملير جي علائقي گلشن حديد مان جاري ڪيل بيان ۾ جسقم چيئرمين چيو ته جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائڻ تي ڪيس داخل ٿيڻ سندن لاءِ اعزاز آهي. صنعان قريشي چيو ته سندس خلاف ڪيس داخل ٿيندا رهيا آهن، بحريا ٽائون واقعي جي 33 ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏنو. سندس چوڻ هو ته هو عدم تشدد جا حامي آهن، دنيا جي ڪابه طاقت کين سنڌ جي وجود جي مالڪي تان هٿ نٿي کڻائي سگهي. جسقم ميڊيا ڪو آرڊينيٽر ديدار شاهه جو چوڻ آهي ته جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائڻ تي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف 21 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔