افغان شهرين لاءِ جعلي دستاويز ٺاهڻ جي الزام ۾ نادرا جا 2 آفيسر، هڪ چوڪيدار ۽ هڪ ايجنٽ گرفتار ڪيا آهن: ترجمان نادرا

ايف آءِ اي جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ انعام الحق (اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، نادرا)، فياض احمد (ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، نادرا)، جنيد احمد (چوڪيدار، نادرا) ۽ محمد عمر شاهه (پرائيويٽ ايجنٽ) شامل آهن.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته شروعاتي جاچ موجب جوابدار مبينا طور افغان شهرين لاءِ جعلي سڃاڻپ وارن دستاويزن جي جاري ڪرڻ، رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ ملوث هئا. شروعاتي شاهدين مان هن نيٽ ورڪ جا دهشتگرد عنصرن سان لاڳاپا هجڻ جا اشارا مليا آهن، جن بابت وڌيڪ گهري جاچ جاري آهي.

ڪارروائي دوران اهم رڪارڊ ۽ ٻيا ثبوت قبضي ۾ ورتا ويا آهن، جڏهن ته جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب جاچ دوران وڌيڪ اهم انڪشافن ۽ گرفتارين جو امڪان آهي، ۽ هن نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل سڀني سهولتڪارن ۽ مرڪزي ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

ايف آءِ اي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قومي سلامتي، دهشتگردي جي سهولتڪاري، جعلي سڃاڻپ وارن دستاويزن جي تياري ۽ اهڙن منظم ڏوهاري نيٽ ورڪن جي مڪمل خاتمي تائين بنا ڪنهن امتياز جي ڪارروائيون جاري رکڻ لاءِ پُرعزم آهن.

ايف آءِ اي جي پڌ رائي‏ء کان اڳ گرفتار ڄاڻايل چئن مان هڪ ڄڻي فياض احمد جي پيءَ سهيل سانگي جيڪو مشهور صحافي آهي تنهن گلبرگ ٿاڻي تي رات دير سان پٽ جي گمشد گيءَ خلاف ايف آي آر داخل ڪرائي هئي. انساني حقن جي تنظيم پڻ سندس ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سندس بازيابي جو مطالبو ڪيو هو. – ٽي ايس ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔