
ايران جو گهرو وزير اسڪندر مومني سومر جي رات سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو. مومني جو هي دورو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن پاڪستان گذريل مهيني آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل ٺاهه کي بچائڻ لاءِ پنهنجي سفارتي ڪوششون ڪري رهيو آهي.
آمريڪا گذريل نون راتين کان ايران تي لڳاتار حملن جو سلسلو جاري رکيو پيو اچي. ان دوران واشنگٽن ايران جي مختلف علائقن تي حملا وڌائي ڇڏيا، جن ۾ اهو شهر به شامل هو جتي ايٽمي بجلي گهر موجود آهي.
ٻئي طرف، ايران به علائقي ۾ پنهنجا جوابي حملا جاري رکيا. ايران جي اسلامي انقلابي گارڊز ڪور دعويٰ ڪئي آهي ته هنن بحرين، اردن ۽ شام ۾ حدفن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته بحرين چيو آهي ته تهران سندس هوائي نيويگيشن نظام کي نشانو بڻايو.
هن مهيني جي شروعات ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنگبندي کي "ختم” قرار ڏنو. ايران جي صدر مسعود پزشڪيان پڻ سومر تي چيو ته سندن ملڪ "مڪمل جنگ” وڙهي رهيو آهي. تهران، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي ڀڃڪڙي جو ذميوار واشنگٽن کي قرار ڏنو آهي.
تازن حملن جي باوجود، ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا سان وچ وارن ملڪن جي ذريعي سفارتي رابطا اڃا تائين جاري آهن.
جون مهيني ۾ ٿيل معاهدي سبب ڪجهه هفتن جي وقفي کان پوءِ وچ اوڀر ۾ جنگ ٻيهر شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته هرمز تي ڪنٽرول لاءِ جاري ويڙهه سبب عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون هڪ مهيني جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن.
آمريڪا سان جنگبندي ٽٽڻ کان پوءِ تهران هرمز تي ٻيهر بندش لڳائي آهي، جڏهن ته واشنگٽن به جوابي ڪارروائي ڪندي ايران جي بندرگاهن جي ناڪابندي شروع ڪري ڇڏي.
پاڪستان، 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي حملن کان پوءِ امن ڪوششن جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. انهن حملن کان پوءِ جنگ شروع ٿي وئي هئي ۽ ايران طرفان هرمز ۾ اچ وڃ متاثر ٿيڻ سبب تيل جي عالمي بحران جنم ورتو هو. هرمز تيل ۽ گئس جي فراهمي لاءِ دنيا جي اهم سامونڊي دڳن مان هڪ آهي.
پاڪستان جي ٽياڪڙي سان ٿيل "اسلام آباد ٺاهه” هڪ 14 نڪاتي عبوري امن ٺاهه آهي، جنهن جو مقصد جنگ جو خاتمو ۽ هرمز کي ٻيهر کولڻ آهي. هي معاهدو 18 جون تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيو هو. – ٽي ايس ايل


