
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بلوچستان جي سياسي مسئلن جو جٽادار حل ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي، پيپلز پارٽي هميشه حڪومت توڙي مخالف ڌر سميت سڀني سياسي ڌرين سان بامقصد سياسي رابطن تي يقين رکندي آئي آهي.
هن چيو ته بلوچستان ۾ مستقل امن صرف سياسي ڳالهين سان قائم ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي دهشتگردي خلاف پنهنجي چٽي ۽ مستقل موقف تي قائم آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رياستي ادارن ۽ عوام سان گڏ بيٺل رهندي.
ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد ۾ زرداري هائوس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان ملاقات دوران وڏي وزير سرفراز بگٽي پيپلز پارٽي جي چيئرمين کي زيارت سانحي جي متاثر خاندانن جي سهائتا لاءِ صوبائي حڪومت طرفان کنيل قدمن بابت ٻڌايو . هن ٻڌايو ته متاثر خاندانن جي درخواست تي واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي فئڪٽ فائنڊنگ ڪميشن قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا واقعي جي سمورن پاسن جو جائزو وٺندي.
سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ سياسي هم آهنگي ۽ جٽادار امن لاءِ جلد هڪ آل پارٽيز ڪانفرنس جنهن کي هن ملٽي پارٽي ڪانفرنس سڏيو سا ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ نه رڳو پارليامينٽ ۾ موجود سياسي پارٽيون، پر پارليامينٽ کان ٻاهر موجود سياسي ڌريون به شرڪت ڪنديون، ته جيئن صوبي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهجي.
بلاول ڀٽو زرداري تازن دهشتگرد حملن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستان آرمي، فرنٽيئر ڪور ۽ بلوچستان پوليس جي اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪندي سندن خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هو انهن خاندانن جي ڏک ۽ تڪليف کي گهريءَ طرح محسوس ڪري ٿو ۽ غم جي هن گهڙيءَ ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهي.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڏي وزير سرفراز بگٽي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي جن ذريعي متاثر خاندانن جي خدشن کي دور ڪيو ويو ۽ ڳالهين وسيلي احتجاج پرامن نمونت ختم ڪرايو. هن ڳالهين جي عمل کي ڪامياب بڻائڻ ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جي ڪردار جي پڻ ساراهه ڪئي.
ٽي ايس ايل مانيٽرنگ ڊيسڪ


