
آمريڪا جي وفاقي پراسيڪيوٽرن ڪيوبا جي اڳوڻي صدر راول ڪاسترو تي 1996 ۾ ميامي ۾ قائم جلاوطن گروپ برادرز ٽو دي ريسڪيو جا جهازن ڪيرائڻ واري معاملي ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو آهي.
بند پيل ان فرد جرم کي کولڻ واري عمل واشنگٽن ۽ هوانا وچ ۾ ڪيترن ئي سالن جي ۾ تڪرار ۾ تيز ترين واڌ ڪئي آهي.
آمريڪي انصاف واري کاتي جو الزام آهي ته 24 فيبروري 1996 تي ڪيوبا جي جنگي جھازن جي حملي ۾ ٻن سولين جھازن کي ڪيرائڻ واري فيصلي ۾ راول ڪاسترو جو اھم ڪردار ھو.
آمريڪي کاتي ڪاسترو تي آمريڪي شهرين کي مارڻ جي سازش جو هڪ الزام، قتل جا چار الزام ۽ هڪ جهاز کي تباهه ڪرڻ جا ٻه الزام لڳايا آهن. فرد جرم ۾ ٻين پنجن جوابدارن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
1996 ۾ جھاز ڪرڻ جي ڪري چار ماڻهو مارجي ويا، جنهن تي عالمي سطح تي نندا ٿي ۽ آمريڪا ۽ ڪيوبا وچ ۾ ڇڪتاڻ بہ وڌي.
قائم مقام اٽارني جنرل ٽوڊ بلانچ ميامي جي فريڊم ٽاور تي الزامن جو اعلان ڪندي چيو تہ اٽڪل 30 سالن کان قتل ٿيل چئن آمريڪين جا خاندان انصاف جو انتظار ڪري رهيا آهن.
منهنجو اڄ جو پيغام واضح آهي تہ آمريڪا ۽ صدر ٽرمپ پنهنجن شهرين کي نه وساريندا آهن ۽ نه وساريندا.
هن مارجي ويل چار ماڻهن ڪارلوس ڪوسٽا، آرمنڊو اليجيندر جونيئر، ماريو ڊي لا پينا، ۽ پابلو مورالس کي "ھٿين خالي شهري” قرار ڏنو جيڪي "فلوريڊا اسٽريٽ پار ظلم کان ڀڄي ويندڙ ماڻهن جي بچاءُ ۽ تحفظ لاءِ انساني مشن” تي هئا.
برادرز ٽو دي ريسڪيو 1991 ۾ ڪيوبا جي آمريڪا ڏانهن لڏپلاڻ جي لهر دوران ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڪيوبا جي جلاوطن جوز باسولٽو پاران قائم ڪيل، گروپ جو مقصد ڪيوبا جي پناهگيرن کي سمنڊ ۾ ڳولڻ ۽ آمريڪي ڪوسٽ گارڊ کي خبردار ڪندي فلوريڊا اسٽريٽ پار ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ هو.
آمريڪي عملدارن ۽ عالمي جاچ ڪندڙن چيو ته جهازن تي بين الاقوامي پاڻين ۾ حملو ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيوبا جو چوڻ ھو تہ جهازڪيوبا جي هوائي حدن جي خلاف ورزي ڪئي هئي يا ان جي ويجهو پهتو هو.
ان وقت جي صدر فيڊل ڪاسترو بعد ۾ ترديد ڪ.ي ھئي ته ڪو هن يا راول ڪاسترو جهازن کي ڪيرائڻ جو سڌو حڪم ڏنو هو.
ڪيوبا جي موجوده اڳواڻ، ميگوئل ڊيازڪينيل، فرد جرم کي سياسي ڊرامو قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 1996 جي واقعن دوران "ڪو به لاپرواهيءَ وارو قدم نه کنيو ويو”.
هن سوشل ميڊيا تي لکيو تہ هيءَ هڪ سياسي چال آهي، ڪنهن به قانوني بنياد کان خالي، جنهن جو مقصد صرف ان دستاويز کي ڀرڻ آهي جيڪو اهي ڪيوبا خلاف فوجي جارحيت جي بيوقوفيءَ کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ ٺاهي رهيا آهن.
سياسي ماھرن جو چوڻ آھي تہ الزام جو وقت هوانا خلاف وسيع آمريڪي دٻاءُ جي مهم سان ڳنڍيل نظر اچي ٿو. تازن واقعن جي تسلسل کي ڏسندي ھڪ تجزئي نگار گذريل هفتي آمريڪي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف جي هوانا جي دوري ڏانهن بہ اشارو ڪيو جيڪو ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه جي وچ ۾ جاري ڳالهين جو حصو ھو جنهن ۾ ڪيوبا ۾ قيادت جي تبديلي لاءِ زور ڏنو ويو.
هن مهيني اهڙيون رپورٽون پڻ آيون هيون جن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته ڪيوبا ڊرون ۽ جنگي صلاحيتن جي ڳولا ۾ آھي. انھن رپورٽن جي ذريعي ٽرمپ ڪيوبا خلاف پنهنجي دٻاءُ جي مهم کي وڌائي رھيو آھي.
رپورٽن موجب، هوانا گوانتانامو بي ۾ آمريڪي بحري بيس، آمريڪي فوجي جهازن ۽ فلوريڊا جي ويجهي ٻيٽ ڪي ويسٽ کي نشانو بڻائڻ لاءِ ممڪن ڊرون حملن تي غور ڪيو هو، جيڪو ڪيوبا جي ساحل کان اٽڪل 140 ڪلوميٽر (90 ميل) پري آهي.
واشنگٽن هڪ ئي وقت ٻه ٽريڪ هلائي رهيو آهي. ھڪ ڪاسترو خاندان جي نيٽ ورڪ سان ۽ ٻيو عوامي دٻاءُ وارو. راؤل ڪاسترو تي فرد جرم ان مھم ۾ فٽ ٿئي ٿو.
ھڪ ماھر اولينڊو پيريز جو چوڻ آھي تہ ڪاسترو تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ وارو قدم ڪيوبا جي ڪميونسٽ بنياد کي ڪمزور ڪرڻ بدران ان جي حمايت کي وڌائي سگهي ٿو. راؤل ڪاسترو تي فرد جرم انهن سخت گير ماڻهن کي مضبوط ڪري سگھي ٿو ڇو تہ ان سان انهن کي اهو بيانيو ملندو جنهن تي اهي هميشه ڀروسو ڪندا رهيا آهن.
ڪاسترو قبيلو راول ڪاسترو کي حوالي نہ ڪندو ڇو تہ راؤل ڪاسترو حڪومت جي قانوني حيثيت جو منھندار آهي.
پر پيريز اشارو ڪيو ته ٽرمپ انتظاميه وٽ هاڻي فرد جرم کي کولڻ جو ٻيو مقصد ٿي سگهي ٿو. ٽرمپ پنھنجي وڃايل مقبوليت جيڪا ايران جنگ جي ڪري ڪري آھي تنھن کي جيارڻ لاءِ ڪيوبا جي حڪومت کي ڪنهن قسم جي سمجهوتي ڏانهن ڌڪي رھيو آھي ته جيئن ان نتيجي کي فتح طور ڏاکاري سگھجي.
ڪاسترو جنھن عمر ھن وقت 94 سال آھي سو 2008 ۾ ڪيوبا جي صدر طور پنهنجي ڀاءُ فيڊل ڪاسترو جي جاءِ تي آيو. هو 2021 ۾ ڪيوبا جي ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت تان باضابطه طور تي دستبردار ٿيو ، پر هن کي اڃا تائين ملڪ جي سياسي نظام ۾ هڪ بااثر شخصيت طور ڏٺو وڃي ٿو. — ٽي ايس ايل


