هرمز جي ناڪابندي ڳالهين ۾ رنڊڪ آهي (فيلڊ مارشل) ٽرمپ پاران غور جي خاطري

فيلڊ مارشل آرمي چيف عاصم منير آمريڪي صدر کي چيو آهي ته هرمز کاڙي جي ناڪابندي ڳالهين جي عمل ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. برطانوي خابرو ايجنسي پاڪستاني سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان رابطو ڪيو جنهن ۾ ايران سان ڳالهين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ت فيلڊ مارشل عاصم منير ٽرمپ سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هرمز کاڙي جي ناڪابندي ڳالهين جي عمل ۾ رنڊڪ بڻيل آهي. جنهن تي آمريڪي صدر جواب ۾ چيو ته مان فيلڊ مارشل جي راءِ تي غور ڪندس. موجوده خطي جي صورتحال ۾ اهو رابطو ڪافي اهم تصور ڪيو پيو وڃي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔