
واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موجودگي ۾ وائيٽ هائوس جي ميڊيا نمائندن جي اعزاز ۾ منعقد ڪيل ڊنر دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ صدر ٽرمپ محفوظ رهيو جڏهن ته حملي آور کي پڪڙيو ويو.
آمريڪي ميڊيا موجب هيلٽن هوٽل ۾ منعقد ٿيل ڊنر دوران هڪ زوردار آواز ٻڌڻ ۾ آيو جنهن تي سيڪيورٽي خدشن سبب ٿوري دير لاءِ گوڙ ٿي ويو. ان دوران سيڪريٽ سروس جي اهلڪارن صدر ٽرمپ کي تقريب مان ٻاهر ڪڍيو.
وائيٽ هائوس کي ڪور ڪندڙصحافين لاءِ ڊنر تقريب اڃا شروع ئي ٿي هئي ته صدر ٽرمپ کي هڪ پرچي ڏيکاري وئي. اڳ ۾ وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن ليوٽ کي به اهڙي ئي پرچي ڏيکاري وئي هئي. جنهن تي صدر ٽرمپ جي هڪ پاسي ويٺي هڪ عورت حيران نظر آئي.
تقريب ۾ 2,600 کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ ھئا. فائرنگ کان پوءِ شرڪت ڪندڙ مھمان ٽيبلن جي هيٺان لڪي ويا.
جڏھن گولي جو آواز آيو تہ صدر ٽرمپ ۽ ٻيا موجود مھمان پنهنجين سيٽن تان اٿي ھيٺ ٿي ويا. سيڪريٽ سروس جا ايجنٽ صدر ٽرمپ کي ٻاهر ڪڍي ويا جڏهن ته ڪيترن ئي آفيسرن پنهنجون بندوقون ڪڍيون.
آمريڪي ميڊيا چيو ته شوٽر مک دروازي جي ميگنيٽوميٽر ڏانهن ڀڄي ويو ۽ بال روم ۾ سيڪريٽ سروس جي ھڪ ايجنٽ کي گولي ھنئي.
صدر ٽرمپ جو ردعمل
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ ھن چيو ته اھا واشنگٽن ڊي سي ۾ هڪ غير معمولي شام هئي. سيڪريٽ سروس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شاندار ڪم ڪيو، انهن ڦڙتي ۽ بهادري سان ڪم ڪيو.
ٽرمپ چيو ته شوٽر کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ هن سفارش ڪئي هئي ته شو جاري رهڻ ڏيو پر اسان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هدايتن تي عمل ڪنداسين. ذريعن موجب 31 سالن جو شڪي حملو ڪندڙ ڪيليفورنيا رياست جو رهواسي آهي.
ٽي ايس ايل مانيٽرنگ ڊيسڪ


