انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جي چونڊن ۾ منصور کوکر صدر ۽ نعيم شيخ سيڪريٽريءَ طور بنا مقابلي ڪامياب

اليڪشن ۾ پنجويھہ ميمبر رجسٽرڊ ھئا جيڪي سمورا حاضر ٿيا ۽ ان کانسواءِ چئن ميمبرن فارم ڀري ميمبرشپ حاصل ڪئي. اليڪشن قانوني طريقي سان ٿي ڪنھن به اميدوار مخالفت ۾ فارم نه ڀريو ائين ھي سڀ عھديدار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا. ڪامياب اميدوار صدر منصور کوکر، نائب صدرپروفيسر ساجده چنا، سيڪريٽري نعيم شيخ، جوائنٽ واحد بخش ناريجو، پريس لياقت عباسي ۽ خزانچي وليم صادق.
ورڪنگ ڪاروباري ڪميٽي
محمد يونس مھر، مھيش ڪمار، سرور سميجو، عبدالغفور کتري، گل محمد منگي، قمر جھان قمر، اي بي منگي، امين جويو، اظھر ٻانڀڻ ۽ خاصخيلي لطيف راولاڻي

انجمن ترقي پسند مصنفين جي تاريخ ننڍي کنڊ جي ادبي ۽ سماجي تحريڪن سان ڳنڍيل آهي. تنظيم جو بنياد 1936 ۾ لکنؤ ۾ پيو ۽ پهرئين ڪانفرنس جي صدارت مشهور ناول نگار پريم چند ڪئي جنھن پنھنجي مشھور تقرير ڪئي جنھن جو مو موضوع ھو ادب زندگيءَ لاءِ. انجمن جو مقصد ادب ذريعي سماجي ناانصافين، جاگيرداري، سامراج ۽ استحصال خلاف آواز اٿارڻ هو. هن تحريڪ جي فڪري شروعات 1935ع ۾ لنڊن ۾ ٿي جتي سجاد ظهير، احمد علي، رشيد جهان ۽ ٻين منشور تيار ڪيو
هن تحريڪ سان پوءِ فيض احمد فيض، سجاد ظهير، ڪرشن چندر، سعادت حسين منٽو، عصمت چغتائي جهڙا وڏا نالا شامل ٿيا. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ به انجمن سرگرم رهي ۽ ترقي پسند ادب، مزدورن، هارين ۽ جمهوريت جي حق ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔