بجليءَ جو شارٽ فال 6,500 ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي اھو صنعتن ۽ روانگي واپار لاءِ سنگين خطرو آهي ايف پي سي سي آءِ

فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرس اينڊ ڪامرس (ايف پي سي سي آءِ) ملڪ ۾ توانائي جي وڌندڙ بحران تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته بجلي جو شارٽ فال 6,500 ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي جيڪو صنعتن ۽ روانگي واپار لاءِ سنگين خطرو بڻجي ويو آهي۔

پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرم شيخ، یو بی جی سرپرست اعلي ایس ایم تنویر ۽ فيڊريشن جي ٻي قيادت چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي طلب 22,000 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته فراهمي صرف 15,400 ميگاواٽ آهي جنهن سبب 6,500 ميگاواٽ کان وڌيڪ شارٽ فال پيدا ٿيو آهي.

هن ٻڌايو ته هائيڊل پاور ۾ 1,991 ميگاواٽ جي گهٽتائيءَ بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. شهري علائقن ۾ 8 ڪلاڪ ۽ ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ 16 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ قبول ڪرڻ جوڳي ناھي. صنعتي علائقن ۾ 4 ڪلاڪ جڏهن ته رهائشي ۽ ڪمرشل علائقن ۾ به بجلي جي کوٽ جاري آهي۔

ايس ايم تنوير خبردار ڪيو ته بجلي جي کوٽ سبب ايڪپورٽس خاص طور تي ٽيڪسٽائل سيڪٽر سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ 100 کان وڌيڪ ٽيڪسٽائل ملون بند ٿي چڪيون آهن۔ هن چيو ته جيڪڏهن صنعتن کي سستي ۽ بنا رڪاوٽ بجلي فراهم نه ڪئي وئي ته بيروزگاري ۾ تيزي سان اضافو ٿي سگهي ٿو۔

هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور صنعتي رليف پيڪيج متعارف ڪرايو وڃي ۽ بجلي جي ٽيرف مان ڪراس سبسڊيز ختم ڪيون وڃن ته جيئن صنعتن تي بار گهٽجي۔

آصف سخيءِ جيڪو ايف پي سي سي آءِ جو نائب صدر آھي تنھن چيو ته علائقي جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ بجلي مهانگي آهي جنهن سبب صنعتن جي مقابلي واري صلاحيت متاثر ٿي رهي آھي ۽ پاڪستاني پراڊڪٽس عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلو نٿيون ڪري سگهن۔

ايف پي سي سي آءِ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ته جيئن صنعت، ايڪپورٽس ۽ معيشت کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي۔

پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ وزيراعظم، فيلڊ مارشل، نائب وزيراعظم ۽ گھرو معاملن واري وزير جي عالمي تڪرار کي روڪڻ جي ڪوششن تي واکاڻ ڪئي۔ هن فيلڊ مارشل کي نوبل امن انعام ڏيڻ جو پڻ مطالبو ڪيو۔ — ٽي سي ايل رپوٽ

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔