
چرچ آف پاڪستان جي ڊائيوسس آف ڪراچي اينڊ بلوچستان پاران مذهب جبري تبديلي ۽ ننڍي عمر جي شادين جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔
ڪراچي مان جاري ڪيل پريس رليز ۾ بشپ رائيٽ ريو آزاد مارشل چيو ته ٻار خدا جي امانت آهن ۽ انهن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي يا زبردستي برداشت نٿي ڪري سگهجي۔ هن زور ڏنو ته مذهب ۽ شادي جهڙن معاملن ۾ زبردستي بنيادي انساني حقن ۽ آئيني ضمانتن جي خلاف آهي۔
پريس بيان ۾ چيو ويو ته ڪيترن ئي واقعن ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي زبردستي مذهب تبديل ڪرائي شادي ڪرائڻ جا الزام سامهون اچي رهيا آهن جيڪي قانون جي حڪمراني کي ڪمزور ڪرڻ سان گڏ اقليتي برادرين ۾ ڊپ ۽ بيچيني پيدا ڪن ٿا۔
چرچ جي اڳواڻن حڪومت تي زور ڀريو ته ٻارن جي تحفظ بابت قانونن تي سختي سان عمل ڪرائي ۽ مذهب جي جبري تبديلي روڪڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن۔
بيان ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو ته شادي جي گهٽ ۾ گهٽ عمر بابت واضح قانون سازي ڪئي وڃي ته جيئن نابالغن جي حقن جو تحفظ ٿي سگهي۔
بيان ۾ سنڌ سميت مختلف صوبن ۾ جاري قانوني ۽ پاليسي بحثن جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته موجوده ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي۔
بيان ۾ چيو ويو ته قانون ٺاھيندڙن، عدليه، شهري سماج ۽ مذهبي اڳواڻن کي گڏجي رواداري، انصاف ۽ انساني وقار جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ حڪومت کي گهرجي ته آئين تحت هر شهري جي حفاظت کي يقيني بڻائي۔ — ٽي سي ايل


