
شوان جبارين کي روڪڻ جو فيصلو انساني حقن تي کليل حملو آهي ايمنيسٽي انٽرنيشنل، ايف آءِ ڊي ايڇ
فرانس جي اختيارين فلسطين جي انساني حقن جي مشهور محافظ ۽ الحق جي جنرل ڊائريڪٽر شوان جبارين کي ويزا ڏيڻ کان انڪار جو فيصلو ڪيو جيڪو هن هفتي هڪ ايڊووڪيسي جي سلسلي ۾ فرانس جو سفر ڪرڻ وارو هو. ايمنيسٽي انٽرنيشنل ان ڪي انساني حقن لاءِ هڪ خطرناڪ ڌچڪو قرار ڏنو آهي.
الحق فلسطين ۾ انساني حقن تي ڪم ڪندڙ سڀ کان پراڻي تنظيم آھي ۽ وچ اوڀر ۾ انساني حقن جي تحريڪ جي علمبردار آھي. اھا ٽن مشهور فلسطيني انساني حقن جي تنظيمن مان هڪ آهي
اھا تنظيم غزه ۾ قائم الميزان ۽ فلسطيني سينٽر فار هيومن رائٽس (پي سي ايڇ آر) سان گڏ بين الاقوامي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) سان گڏ ڪم ڪرڻ جي ڪري آمريڪي حڪومت جي پابندين کي منهن ڏئي رهي آهي.
2021 ۾ الحق کي اسرائيل ڏهاڪن جي بدنامي مهم ۽ تنظيم ۽ ان جي عملي خلاف حملن کان پوءِ مجرم قرار ڏنو.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سيڪريٽري جنرل اگنيس ڪالمارڊ چيو تہ اهو شرمناڪ ۽ تمام گهڻو پريشان ڪندڙ عمل آهي ته هڪ انساني حقن جي محافظ جنهن پنهنجي زندگي بين الاقوامي ڏوهن خلاف انصاف جي حاصلات لاءِ وقف ڪئي آهي تنھن کي شينجن علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي ٿو جڏهن ته جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن ۾ گهربل ماڻھوڻ آزاديءَ سان سفر ڪرڻ لاءِ آزاد آهن. هي سخت ۽ بيوقوفي وارو ٻٽو معيار يورپي رياستن کي احتساب ۽ بين الاقوامي انصاف جي مسلسل لاڳو ڪرڻ جي عزم تي فوري طور تي غور ڪرڻ گهرجي.
انٽرنيشنل فيڊريشن فار هيومن رائٽس (FIDH) جي صدر اليڪسس ديسوف چيو تہ الحق، الميزان ۽ پي سي ايڇ آر انساني حقن جي عالمي تحريڪ ۾ تمام گهڻو حصو ورتو آهي ۽ جرئت سان سختين ۽ زيادتين کي ڊاڪيومينٽ ڪيو آهي، متاثرن لاءِ ڳالهايو آهي ۽ انهن عالمگير قدرن جو دفاع ڪيو آهي جن کي فرانس برقرار رکڻ جو دعويٰ ڪري ٿو. 2018 ۾ فرانس الحق کي ان جي انساني حقن جي ڪم جي اعتراف ۾ اھم فرينچ ريپبلڪ ايوارڊ سان نوازيو جيڪو پاڻ مسٽر جبارين وصول ڪيو هو. ديسوف چيو تہ اسان فرانسيسي اختيارين تي زور ڏيون ٿا ته اهي فوري طور تي پنهنجو فيصلو واپس وٺن ۽ مسٽر جبارين کي ويزا ڏيڻ جو عزم ڪن. — ٽي سي ايل


