
پوپ ليو ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين ۽ واشنگٽن جي انھن ڪاررواين کي مذهبي صليبي جنگ طور تي پيش ڪرڻ جي ڪوششن جو سخت مخالف رهيو آهي.
پوپ ليو جيڪو عيسائين جو 14ھون مذھبي اڳواڻ آھي تنھن چتاءُ ڏنو ته دنيا ڪجهه ظالمن جي هٿان تباهه ٿي رهي آهي.
پوپ جو اھو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان سندس جنگ کي تيز ڪري رھيو آھي.
آمريڪا سان تعلق رکندڙ پوپ سڌو سنئون ٽرمپ جو نالو وٺڻ کانسواءِ کلي عام انھن عالمي اڳواڻن جي مذمت ڪئي جيڪي مذهب کي استعمال ڪندي جنگ کي جائز قرار ڏين ٿا.
ليو آفريقي ملڪن جي پنهنجي زيارت جي چوٿين ڏينهن تي ڪيمرون جي شھر بامينڊا جي سينٽ جوزف ڪيٿڊرل ۾ هڪ اجتماع کي خطاب ڪندي چيو تہ "افسوس انهن تي جيڪي پنهنجي فوجي، معاشي ۽ سياسي افادن لاءِ مذهب ۽ خدا جو نالو جو استعمال ڪن ٿا جيڪو خدا مقدس آهي،اھي ان کي اونداهي ۽ گندگي جي طرف ڇڪي رهيا آهن.
ٽرمپ انتظاميه جي ميمبرن ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ کي مذهبي صليبي جنگ جي طور تي پيش ڪيو آهي.
آمريڪي دفاع واري سيڪريٽري پيٽ هيگسيٿ گذريل مهيني دعويٰ ڪئي هئي ته آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فوجين کي "اسان جي قادر مطلق خدا جي رحمت” تحفظ ڏئي رھي آھي. آمريڪي فوجون "عيسيٰ مسيح جي نالي تي” وڙهي رهيون آهن.
مذهبي حوالن پوپ کي ناراض ڪيو آهي جيڪو جنگ مخالف آوازن مان سڀني کان وڌيڪ سگھارو آواز رهيو آهي.
پوپ هن مهيني جي شروعات ۾ X تي لکيو تہ خدا ڪنهن به تڪرار کي پنھنجي برڪت سان نه نوازيندو آهي. جيڪو به ان مسيح جو شاگرد آهي جيڪو امن جو شهزادو آھي سو ڪڏهن به انهن جي پاسي نه بيھندو آهي جيڪي ڪڏهن تلوار هلائيندا هئا ۽ اڄ بم ڪيرئن ٿا.
ٽرمپ گذريل آچر تي پوپ تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ٽروٿ سوشل تي لکيو تہ ليو ڏوھہ جي حوالي سان ڪمزور ۽ پرڏيهي پاليسي تي خوفناڪ آھي.
پوپ سومر تي پنھنجي جهاز تي ساڻس گڏ سفر ڪندڙ صحافين کي ٻڌايو ته هن کي ٽرمپ انتظاميه کان ڪو به ڊپ ناهي ۽ نه ئي امن پسند جي حيثيت سان انجيل جو پيغام پکيڙڻ کان ٽھڻ جو ڪو ارادو آهي.
آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جنھن 2019 ۾ ئي ڪيٿولڪ مذهب اختيار ڪيو آھي سو اڱاري تي جھيڙي ۾ لھي پيو ۽ ليو کي خبردار ڪيو ته هو مذھب بابت بحث ڪندي محتاط رهي. وينس مذهبي عقيدي بابت پنھنجو خيال پيش ڪندي چيو تہ ان ۾ انصاف ڀري جنگ جي نظريي جي 1,000 سالن جي روايت شامل آهي.
ان تي آمريڪي بشپس جي ڪانفرنس ترت بيان جاري ڪيو جنهن ۾ نائب صدر جي تبصرن کي رد ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته انصاف تي ٻڌل جنگ هجڻ لاءِ اهوضروري آھي تہ جنگ ڪندڙ خلاف دفاع ڪرڻ هجڻ گهرجي. — ٽي سي ايل


