خيرپور ضلعي جي ٽنڊو مستي شھر ۾ خالده عرف روبينه چانڊيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي خيرپور جي فرسٽ سول ڪورٽ ۾ ٿي۔ عدالت ڪيس ۾ سهولتڪار ڄاڻايل 10 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ قتل جو ڏوهه باسيندڙ خالده جي سهري ولی محمد چانڊیو، محمد سلیم چانڊیو اور جرگي ۾ قتل جي فتوي ٻڌائڻ جي الزام ۾ گرفتار وڏيري نبن چانڊيو کي عدالتي تحويل ۾ جيل اماڻي ڇڏيو. خالده عرف روبينه چانڊيو کي ڪارنهن الزام ھيٺ سرعام گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد بنا جنازي، غسل ۽ ڪفن جي پوريو ويو ھو جنھن تي سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو.
ٽنڊومستي ناري قتل ڪيس ۾ ھڪ وڌيڪ جوابدار گرفتار، جرڳو ڪندڙ وڏيرو نبن چانڊيو 2 ڏينھن جي ريمانڊ تي
خيرپور پوليس ٽنڊومستي ناري قيل ڪيس ۾ ھڪ وڌيڪ جوابدارکي گرفتار ڪيو آھي. ھنجو نالو جاويد چانڊيو آھي ۽ ھو ٻئي جوابدار صدام چانڊئي جو سوٽ آھي.
ساڳئي ڏينھن ٽنڊو مستي پوليس ڇوڪريءَ واري معاملي تي جرڳو ڪندڙ وڏيري نبن چانڊيو کي ريمانڊ لاءِ ٽنڊومستي جي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت نبن چانڊيو کي ٻن ڏينھن لاءِ پوليس حوالي ڪيو.ان ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ھڪ ڪميٽي بہ ٺاھي آھي جيڪا معاملي جي جاچ ڪندي.
ھن ڪيس ۾ ناريءَ جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپوٽ بہ پڌري ٿي آھي جنھن ۾ ظاھر ٿيو آھي تہ کيس سيني ۾ 3 گوليون لڳيون ۽ ان کان اڳ مٿس تشدد ٿيو ۽ جسم جي کاٻي پاسي ڌڪن جا نشان بہ ھئا. ناريءَ جي قتل کانپوءِ سندس لاش پنجن ڪلاڪن کانپوءِ اسپتال آندو ويو. ڇوڪريءَ جا ڊي اين اي جزا بہ تجزئي لاءِ ورتا ويا آھن.

غيرت ۾ اچي ڀاڻيجيءَ خالده کي قتل ڪيو
سوين ماڻھو ميڙي ڀاڻيجيءَ کي گوليون ھڻي قتل ڪندڙ جوابدار جو اعتراف
ٽنڊو مستي ۾ ناريء جو قتل، مک جوابدار قيصر چانڊيو ڏوهه باسيندي چيو ته هن غيرت ۾ اچي پنهنجي ننهن ۽ ڀاڻيجي خالده کي قتل ڪيو۔ جوابدار ولي محمد چانڊيو ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪندي چيو ته کيس قتل بابت خبر ناهي۔ فرسٽ سول جج خيرپور جوابدار قيصر چانڊيو کي سينٽرل جيل اماڻيندي جوابدار ولي محمد کي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت جرڳو ڪندڙ وڏيري نبن چانڊيو ۽ ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو۔


