ايران ٺاھہ نہ ڪيو تہ ڪارروائيءَ لاءِ فوج مڪمل تيار آھي: پيٽ هيگسيٿ

واشنگٽن ۾ هڪ پريس بريفنگ ۾ آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيو ته ايرانين کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان جي صلاحيتن سان سندن ڪو بہ مقابلو ناهي آمريڪا اڃا تائين اڳ وانگر مضبوط آهي. ايران وٽ هاڻي اسٽريٽ آف ھرمز کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ بحري فوج ڪونهي ۽ جيڪڏهن ايران هاڻي معاهدي تي صحيح نه ٿو ڪري ته آمريڪا حملو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

آمريڪي جنگي سيڪريٽري چيو ته ايران لاءِ هڪ پيغام آهي، اسان توهان کي ڏسي رهيا آهيون، اسان ايران کي ٻڌايو ته اسان کي خبر آهي ته توهان ڪهڙا فوجي اثاثا منتقل ڪري رهيا آهيو، ايران بمباري سان تباهه ٿيل ميزائل لانچرن کي ٻيهر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، آمريڪا اڳ کان وڌيڪ طاقت سان ٻيهر تياري ڪري رهيو آهي، ايران کي پنهنجا فيصلا عقلمندي سان ڪرڻا پوندا، ڪنهن به حالت ۾ ايران ايٽمي هٿيار نٿو رکي سگهي.

پيٽ هيگسيٿ چيو ته ايران چوي ٿو ته اهو اسٽريٽ آف هرمز کي ڪنٽرول ڪري ٿو، پر ان جي پنهنجي بحري فوج ناهي. تجارتي جهازن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏيڻ ڪنٽرول ناهي. اھو قزاقن وارو ڪم آهي. ايران جي توانائي ۽ صنعت مڪمل طور تي تباهه نه ٿي آهي. آمريڪي بندش روانگي واپار کي روڪي رهي آهي. آمريڪي بحري فوج هرمز ۾ ٽرئفڪ کي ڪنٽرول ڪري ٿي. اسان هرمز جي بندش کي جيستائين ضروري سمجھيو برقرار رکنداسين. مون کي اميد آهي ته توهان هڪ اهڙو معاهدو ڪندا جيڪو توهان جي پهچ ۾ هجي. ھن وڌيڪ چيو ته ايران جي جنگ بندي ۾ رهڻ جي خواهش تمام گهڻي آهي، ايران جي نئين سپريم ليڊر جي زخمي ٿيڻ جو شڪ آهي، پر هو جيئرو آهي، اسان هرمز جي رستي کي کولڻ ۾ مدد لاءِ ٻين ملڪن کي ڀليڪار ڪنداسين. — ٽي سي ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔