بي بي سي ۾ ڊائون سائيزنگ جو فيصلو، 10 مان هڪ ملازم گھر ڀيڙو ٿيندو

نوڪرين ۾ اھي ڪٽوتيون يا ملازمن کي ڪڍڻ جو ڪم ان وقت ٿي رهيون آهي جڏهن اداري ۾ نئون ڊائريڪٽر جنرل ميٽ برٽن چارج وٺڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.

برطانيه جي قومي براڊ ڪاسٽر بي بي سي بنيادي بچت منصوبي تي عمل ڪندي پنهنجن مختلف شعبن مان لڳ ڀڳ 2,000 نوڪريون ختم ڪرڻ جو فيصلي تي دنگ ڪيو.

 بي بي سي جي ملازمن کي سموري اسٽاف جي ھڪ گڏجاڻيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته هر 10 مان هڪ ملازم پنهنجي نوڪري وڃائي سگهي ٿو. ڪارپوريشن جي سينيئر ڪارندن کي ان منصوبي بابت اڳ ئي بريفنگ ڏني وئي جنھن جي خبر ھن کان اڳ ئي پڌري ٿي وئي.

هي نوڪريون فيبروري ۾ اعلان ڪيل ان منصوبي جو حصو آهن، جنهن تحت ايندڙ ٽن سالن دوران خرچن ۾ تقريبن 10 سيڪڙو (تقريبن 500 ملين پائونڊ) گهٽتائي ڪرڻي آهي ڇاڪاڻ ⁠تہ ادارو "سخت مالي دٻاءُ” کي منهن ڏئي رهيو آهي. گذريل سال بي بي سي جو ڪل خرچ 4 ارب پائونڊ کان وڌيڪ هو.

ادراي ۾ اهي ڪٽوتيون ان وقت ٿي رهيون آهن جڏهن بي بي سي حڪومت سان پنهنجي مستقبل ۽ لائسنس فيس ذريعي فنڊنگ بابت ڳالهين ۾ مصروف آهي جيڪي ايندڙ سال جي آخر ۾ شاهي چارٽر جي تجديد سان لاڳاپيل آهن.

اهي نوڪريون فيبروري ۾ اعلان ڪيل ان منصوبي جو حصو آهن، جنهن تحت ايندڙ ٽن سالن دوران خرچن ۾ اٽڪل 10 سيڪڙو (500 ملين پائونڊ) گهٽتائي ڪرڻي آهي ڇاڪاڻ ⁠تہ ادارو "سخت مالي دٻاءُ” کي منهن ڏئي رهيو آهي. گذريل سال بي بي سي جو ڪل خرچ 4 ارب پائونڊ کان وڌيڪ هو.

لائسنس فيس هن سال مهانگائي جي حساب سان وڌائي ويندي پر اميد آهي ته اهو اضافو جزوي طور تي ادائيگي ڪندڙن جي تعداد ۾ لڳ ڀڳ 1 سيڪڙو گهٽتائي سان متوازن ٿي ويندو.

اربع واري اسٽاف ميٽنگ روڊري ٽالفن ڊيويس جي صدارت هيٺ ٿي جيڪو عبوري ڊائريڪٽر جنرل طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

 ميٽ برٽن جيڪو گوگل جو اڳوڻو ايگزيڪيوٽو آهي سو 18 مئي تي عھدو سنڀاليندو.

ٽالفن ڊيويس اسٽاف کي ٻڌايو ته بي بي سي اهم مالي دٻاءُ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل ياداشت ۾ چيو ته اسان جي خرچن ۽ آمدني جي وچ ۾ فرق وڌي رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اهو سڀ ڪجھہ ڪيترن ئي سببن جي ٿيو آهي جن ۾ پيداوار جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان اضافو، لائسنس فيس ۽ تجارتي آمدني تي دٻاءُ ۽ عالمي معيشت ۾ سستي شامل آھن.

هن تصديق ڪئي ته بي بي سيءَ ۾ 1,800 کان 2,000 نوڪريون گهٽايون وينديون، جڏهن ته ڀرتي، سفر، انتظامي صلاحڪارن، ڪانفرنسن، ايوارڊن ۽ تقريبن تي خرچن ۾ به گهٽتائي ڪئي ويندي.

ٽالفن ڊيويس اهو واضح نه ڪيو ته ڪهڙا شعبا وڌيڪ متاثر ٿيندا، پر هن چيو ته هي چئلينج هر ڊويزن ۾ مختلف نوعيت جو هوندو.

جيئن ميٽ برٽن عهدو سنڀالڻ لاءِ تيار آهي، بي بي سي ترقيءَ وارن شعبن تي ڌيان ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن ۾ آئي پليئر اسٽريمنگ سروس کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ نوجوانن تائين پهچڻ لاءِ يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام تي مختصر وڊيو مواد کي وڌائڻ شامل آهي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔