چناب تي ڀارتي ڊيم سلال جا اسپِل وي گيٽ کلڻ سبب پاڻي جي سطح ٽن ميٽرن تائين وڌڻ جو خدشو، پاڪستان ۾ الرٽ جاري

سيالڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر صبا اصغر موجب ڀارت طرفان 21 مئي کان 30 مئي تائين سلال ڊيم تي هنگامي بنيادن تي سلٽ فلشنگ بابت اهم اطلاع جاري ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ چناب درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اوچتو اضافي جو امڪان آهي.

ڊپٽي ڪمشنر چيو ته مرالا بئراج، بڄواٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خاص نگراني شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پنجاب انفورسمينٽ اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي کي درياهه جي صورتحال تي نظر رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

انتظاميا شهرين کي غيرضروري طور درياهن ۽ واهن جي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪندي احتياطي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان سان گڏ ضلعي ايمرجنسي ڪنٽرول روم پڻ فعال ڪيو ويو آهي..

ضلعي انتظاميا لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته چناب درياهه جي 24 ڪلاڪ نگراني ڪئي وڃي، جڏهن ته درياهه جي ڪنارن ۽ پيٽن ۾ ماڻهن ۽ جانورن جي اچ وڃ تي پابندي به لاڳو ڪئي وئي آهي. مرالا بئراج جا گيٽ، ٽيلي ميٽري سسٽم ۽ ٻوڏ کان بچاءَ جا سمورا انتظام مڪمل طور تي فعال رکڻ جون به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم اي، موسميات کاتي ۽ ٻين ضلعي ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي ته جيئن پاڻي جي سطح يا وهڪري ۾ ڪنهن به اوچتي واڌ بابت فوري اطلاع ملي سگهي.ياد رهي ته گذريل سال آگسٽ دوران ستلج، راوي ۽ چناب درياهن ۾ شديد ٻوڏ سبب پنجاب جي ڪيترن ئي هيٺاهن علائقن مان لکين ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو. ان وقت ڀارت ۾ بئراج ٽٽڻ ۽ مسلسل برساتن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي، جڏهن ته ملتان ۽ مظفرڳڙهه سميت ڪيترائي هيٺيان علائقا سخت خطري هيٺ اچي ويا هئا۔ — ٽي ايس ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔