
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي يونيورسٽي روڊ تي جاري تعميراتي ڪم 90 ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته بي آر ٽي ريڊ لائن منصوبي جي ڪم ۾ تيزي آڻڻ لاءِ اهم فيصلا پڻ ڪيا ويا آهن.
وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ بي آر ٽي ريڊ لائن لاٽ-2 منصوبي بابت ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ کاتي جي اهم سمري منظور ڪئي وئي. اجلاس دوران منصوبي ۾ دير ۽ ناقص ڪارڪردگي سبب اڳوڻي جوائنٽ وينچر معاهدي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ڪابينا فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) کي هنگامي بنيادن تي منصوبو مڪمل ڪرڻ جي ذميواري ڏيڻ جي به منظوري ڏني. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته بي آر ٽي ريڊ لائن لاٽ-2 منصوبو نمائش چورنگي کان موسميات تائين 12.85 ڪلوميٽر حصي تي ٻڌل آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته يونيورسٽي روڊ تي تعميراتي سرگرمين کي تيز ڪندي 90 ڏينهن اندر ڪم مڪمل ڪيو وڃي، جڏهن ته مڪسڊ ٽريفڪ لينز جي جلد تڪميل لاءِ به ڊيڊ لائين مقرر ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته انڊر پاسز، بلند ڍانچن ۽ پاڻيءَ جي نيڪال جي نظام جي تعمير تيزي سان مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن ڪراچي جي اهم شاهراهه کي جلد بحال ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته بي آر ٽي ريڊ لائن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان شهر ۾ ٽريفڪ مسئلن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي.
اجلاس دوران اعليٰ تعليم ۽ فني تربيت بابت چار اهم سمرين جي پڻ منظوري ڏني وئي، جڏهن ته سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ترميمي بل 2026ع به منظور ڪيو ويو. سنڌ حڪومت فني تعليم جي شعبي ۾ نگراني ۽ گورننس کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته جديد فني تربيت ۽ مهارتن جي واڌاري ذريعي نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا ويندا. — ٽي ايس ايل


