ايران سان ٻيھر جنگ آمريڪا لاءِ بلڪل سولي نہ ھوندي، 50 سيڪڙو ڊرونز ۽ بچي ويل 70 سيڪڙوميزائيل لانچر آمريڪا لاءِ نوان چئلينج پيدا ڪندا

آمريڪي ميڊيا اداري سي اين اين موجب ڇهن هفتن واري جنگ بندي دوران ايران ڪجهه ڊرونز جي پيداوار ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته آمريڪي انٽيليجنس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران جي فوجي بحاليءَ جي رفتار آمريڪي اندازن کان به وڌيڪ تيز نڪتي آهي. رپورٽن مطابق ايران شايد صرف ڇهن مهينن اندر پنهنجي ڊرون حملن واري صلاحيت کي مڪمل طور ٻيهر بحال ڪري سگهي ٿو.

هيءَ صورتحال رڳو اسرائيل لاءِ نه پر وچ اوڀروارن ملڪن ۽ سڄي علائقي لاءِ پڻ سيڪيورٽي  جو اھم سوال بڻجي ٿي. ايران جي ڊرونز ۽ بيلسٽڪ ميزائلن جي وڏي حد تائين رسائي علائقي ۾ طاقت جي توازن ۾ ٻيهر تبديل ڪري سگهي ٿي خاص طور جيڪڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ڌمڪين مطابق ٻيهر فوجي ڪارروائي شروع ڪري ٿو. ان قورتحآل ۾ ايران وٽ جواب ڏيڻ لاءِ اڳي کان وڌيڪ تيار صلاحيتون موجود ٿي سگهن ٿيون.

رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايران جي فوجي صنعت جي تيز بحالي پٺيان ڪيترائي عنصر ڪم ڪري رهيا آهن. انهن ۾ روس ۽ چين جي ممڪن ٽيڪنيڪل يا صنعتي مدد، ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ٿيل حملن جو محدود اثر شامل آهن. آمريڪي ذريعن موجب چين ايران کي اهڙا پرزا فراهم ڪندو رهيو آھي جيڪي ميزائل ۽ فوجي ٽيڪنالاجي جي پيداوار ۾ استعمال ٿين ٿا، جيتوڻيڪ چين انهن الزامن کي رد ڪيو آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته آمريڪي فوجي قيادت جا ڪجهه بيان ۽ انٽيليجنس رپورٽون پاڻ ۾ تضاد رکن ٿيون. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه ايڊمرل بريڊ ڪوپر دعويٰ ڪئي ته ايران جي دفاعي صنعتي بنياد جو 90 سيڪڙو تباهه ڪيو ويو آهي ۽ ايران کي بحالي لاءِ سالن لڳندا، جڏهن ته آمريڪي انٽيليجنس رپورٽن مطابق ايران جي بحالي شايد صرف ڪجهه مهينن لاءِ متاثر ٿي آهي، مڪمل تباهي نه ٿي آهي.

انٽيليجنس ذريعن موجب ايران جا لڳ ڀڳ اڌ ڊرونز ۽ 70 سيڪڙو ميزائل لانچرز اڃا به موجود آهن. ڪيترائي لانچر شايد بمباري دوران زمين هيٺ دفن ٿي ويا هئا، پر تباهه نه ٿيا، ۽ جنگ بندي دوران ايران انهن کي ٻيهر فعال ڪرڻ شروع ڪيو. ايران جي ساحلي دفاعي ميزائلن جو وڏو حصو به محفوظ رهيو آهي، جيڪي هرمز جي سامونڊي لنگھہ ۾ جهاز راني لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا.

تجزئي نگارن موجب ايران جي تيز فوجي بحالي خطي جي سياسي ۽ فوجي منظرنامي تي گهرا اثر ڇڏي سگهي ٿي. جيڪڏهن ايران محدود وقت ۾ پنهنجي دفاعي صنعت کي ٻيهر متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته اهو آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگي حڪمت عملي بابت به سوال اٿاري ٿو. ان سان گڏوگڏ اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته جديد جنگين ۾ رڳو فوجي حملن سان ڪنهن ملڪ جي صنعتي ۽ ٽيڪنالاجيڪل ڍانچي کي مڪمل طور ختم ڪرڻ هاڻي آسان نه رهيو آهي. ٻئي طرف ايران به واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته هو سفارتڪاري سان گڏ فوجي مزاحمت لاءِ به تيار آهي. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان سميت علائقائي ملڪن جون سفارتي ڪوششون اهم بڻجي ويون آهن، ڇو ته ڪنهن به نئين تڪرار جو اثر سڄي خطي جي معيشت، توانائي سپلاءِ ۽ امن امان تي پئجي سگهي ٿو. ٽي ايس ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔