ايران-آمريڪا جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون، فيلڊ مارشل عاصم منير تهران پهچي ويو

پاڪستان جي چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ جنگ کي ختم ڪرائڻ لاءِ سفارتي ڪوششن جي سلسلي ۾ جمعي جي شام تهران پهچي ويو، جتي ايران جي گهرو وزير اسڪنڊر مومني سندس گرمجوشي سان آجيان ڪئي.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب، استقبال دوران پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي پڻ موجود هو. ذريعن موجب فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجي دوري دوران ايراني قيادت سان ايران-آمريڪا ڳالهين، علائقائي امن، وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي ملاقاتون ڪندو.

ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو به عاصم منير جي تهران دوري تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا پاڪستاني فوجي قيادت سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن معاهدي لاءِ “قابل تعريف ڪردار” ادا ڪري رهيو آهي.

فوڪس نيوز سان ڳالهائيندي روبيو چيو ته ايران بابت سفارتي رابطن ۾ پاڪستان اهم ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ واشنگٽن هن وقت به ان ئي چينل ذريعي اڳتي وڌي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻيا ملڪ به پنهنجي سطح تي ڪوششون ڪري رهيا آهن، پر بنيادي رابطو پاڪستان سان ئي آهي.

ان کان اڳ پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي پڻ تهران پهچي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران آمريڪا طرفان پيش ڪيل نون تجويزن ۽ جنگ جي خاتمي بابت امڪاني حلن تي غور ڪيو ويو. اها هڪ هفتي اندر سندس ٻي تهران ياترا آهي.

ياد رهي ته اپريل ۾ پاڪستان جي ميزباني هيٺ اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سڌيون تاريخي ڳالهيون ٿيون هيون، جيڪي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ٿيون. اهي ڳالهيون بغير ڪنهن معاهدي جي ختم ٿيون، پر ٻنهي ڌرين رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو هو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بعد ۾ پنهنجي خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف ۽ صلاحڪار جيرڊ ڪشنر جو اسلام آباد جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته پاڪستاني قيادت جي درخواست تي جنگبندي اڻ ڄاتل مدي تائين وڌائي وئي هئي.

سفارتي ذريعن موجب پاڪستان هن وقت تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ جاري رکيو ويٺو آهي، پر ايران جي ائٽمي پروگرام، پابندين جي خاتمي، هرمز، علائقائي سلامتي ۽ ايران سان لاڳاپيل هٿياربند گروهن بابت اختلاف اڃا به وڏيون رڪاوٽون بڻيل آهن.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن محدود وقت اندر ٺاھہ نه ٿيو ته ايران خلاف حملا ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿا. ٻئي طرف ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ان تي ٻيهر حملو ٿيو ته تڪرار وچ اوڀر کان به اڳتي وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته تهران اهو به چيو آهي ته سفارتڪاري جا دروازا اڃا بند ناهن ٿيا.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته تهران کي آمريڪا جون نيون تجويزون مليون آهن ۽ انهن جو جائزو ورتو پيو وڃي. ايران پنهنجي شرطن ۾ پرڏيهه ۾ منجمد اثاثن جي واپسي، بندرگاهن تي آمريڪي پابندين جي خاتمي ۽ مستقل جنگبندي جي ضمانت شامل ڪئي آهي.

هرمز پڻ هن تڪرار جو مرڪزي نقطو بڻيل آهي، جيڪا دنيا ۾ تيل جي فراهمي لاءِ سڀ کان اهم سامونڊي رستو سمجهي وڃي ٿي. ايران اڳ ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ هن سامونڊي رستي کي بند ڪرڻ ۽ جهازن کان چارج وٺڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، جڏهن ته آمريڪا ايراني بندرگاهن جو گھيرو پڻ ڪيو آهي. ان دوران پاڪستان جي پرڏيهي آفيس پڻ تصديق ڪئي آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 23 کان 26 مئي تائين چين جو دورو ڪندو، جتي ايران-آمريڪا جنگ ۽ علائقائي صورتحال اهم ايجنڊا هوندي. — ٽي ايس ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔