روس جا 1 لک 41 ھزار کان وڌيڪ فوجي مارجي يا زخمي ٿي چڪا، 83 هزار کان وڌيڪ وري جنگ وڙھي نہ ٿا سگھن

روس يوڪرين خلاف جاري جنگ دوران پنهنجي فوجي ۽ دفاعي صلاحيتن کي تيزي سان بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته بيلاروس ذريعي فوجي دٻاءُ وڌائڻ ۽ ايٽمي هٿيارن جي منتقلي سبب علائقي ۾ نئين ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي.

يوڪرين جي ڳجھي معلومات موجب، روس جي زميني جنگ ۾ ڪمزوريون ظاهر ٿيڻ باوجود ماسڪو پنهنجي ڊرون ۽ هٿيار سازي واري صنعت کي توقع کان وڌيڪ تيزي سان ٻيهر بحال ڪري رهيو آهي.

يوڪريني فوج جي سربراهه اوليڪسندر سيرسڪي چيو آهي ته هاڻي جنگي ميدان ۾ حڪمت عملي واري برتري يوڪرين وٽ اچي وئي آهي، جتي يوڪريني فوج طرفان روسي مورچن تي حملن جو تعداد روسي حملن کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. هن موجب روسي فوجين جي وڏي جاني نقصان سبب ماسڪو کي نوان سپاهي ڀرتي ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

سيرسڪي پنهنجي ٽيليگرام پيغام ۾ دعويٰ ڪئي ته 2026ع جي شروعات کان وٺي روس جا 1 لک 41 ھزار کان وڌيڪ فوجي مارجي يا زخمي ٿي چڪا آهن، جن مان 83 هزار کان وڌيڪ وري جنگ وڙھي نہ ٿا سگھن. يوڪريني پرڏيهي انٽيليجنس موجب روس روزانو هزار کان وڌيڪ فوجي وڃائي رهيو آهي، جڏهن ته نون ڀرتين جي رفتار 800 کان 930 روزانو آهي، جنهن سبب روس جي جنگي طاقت ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي.

ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ روس جي مختلف علائقن ۾ فوجي ڀرتي لاءِ بونس 30 کان 100 سيڪڙو تائين وڌايا ويا آهن. روس مولدووا جي علائقي ٽرانسنسٽريا ۾ رهندڙ روسي ٻولي ڳالهائيندڙن لاءِ شهريت حاصل ڪرڻ جا قانون به آسان ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن وڌيڪ ماڻهو فوج ۾ شامل ٿي سگهن.

ٻئي طرف يوڪريني صدر وولوديمير زيلنسڪي چيو آهي ته روس هڪ لک وڌيڪ فوجي طرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر هن دعويٰ ڪئي ته روس وٽ ڳجهي ڀرتي لاءِ گهربل صلاحيت موجود ناهي.

يوڪريني فوج روس جي تيل ۽ دفاعي صنعتن تي به مسلسل حملا ڪري رهي آهي. يوڪريني ڊرون حملن سبب روس جي ڪيترين آئل ريفائنرين، تيل اسٽوريج مرڪزن ۽ پائيپ لائينن کي نقصان پهتو آهي، جنهن سبب روس کي تيل جي پيداوار ۾ روزانواٽڪل 4 لک 60 هزار بيرل گهٽتائي ڪرڻي پئي آهي.

رائٽرز نيوز ايجنسي موجب، جنوري کان مئي 2026ع تائين يوڪريني ڊرون حملن روس جي 16 وڏين ريفائنرين کي متاثر ڪيو، جنهن سان روزانو اٽڪل 7 لک بيرل ريفائننگ صلاحيت متاثر ٿي. اهي ريفائنريون روس جي مجموعي ريفائننگ صلاحيت جو چوٿون حصو سمجهيون وڃن ٿيون.

يوڪريني حملن کانپوءِ روس اپريل کان جولاءِ تائين پيٽروليم شين جي روانگي واپار تي پابندي به لاڳو ڪئي، جنهن سبب روسي تيل جي روانگي واپار ۾ به چٽي گهٽتائي آئي آهي.

يوڪريني فوج تازو ماسڪو ڀرسان فوجي ۽ صنعتي هدفن تي به ڊگهي فاصلي وارا حملا ڪيا. انهن هدفن ۾ “اينگسٽرم” سيميڪنڊڪٽر پلانٽ، فوجي مقصدن لاءِ ڪم ڪندڙ آئل پمپنگ اسٽيشنون ۽ ماسڪو ريفائنري شامل آهن. سيٽلائيٽ تصويرن موجب ڪجهه تيل اسٽوريج ٽينڪ مڪمل طور تباهه ٿي ويا.

ان دوران روس بيلاروس سان گڏيل فوجي مشقون پڻ شروع ڪيون آهن، جن ۾ 64 هزار فوجي، 200 کان وڌيڪ ميزائل لانچر، 140 جهاز، 73 جنگي ٻيڙيون ۽ 13 آبدوزون شامل آهن. روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته انهن مشقن دوران بيلسٽڪ ۽ ڪروز ميزائلن جا تجربا به ڪيا ويندا.

روس گذريل سال کان پنهنجي نئين “اوريشنڪ” ٽيڪٽيڪل ايٽمي ميزائل بيلاروس ۾ نصب ڪري چڪو آهي، جڏهن ته وڌيڪ ايٽمي وارهيڊز به بيلاروس منتقل ڪيا ويا آهن.

يوڪريني صدر زيلنسڪي الزام لڳايو آهي ته روس بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته هو يوڪرين خلاف نئون محاذ کولڻ لاءِ ڪيئف تي حملي ۾ شامل ٿئي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن بيلاروس جنگ ۾ سڌي ريت شامل ٿيو ته ان جا “سنگين نتيجا” نڪرندا. روسي نائب پرڏيهي وزير سرگئي ريابڪوف چيو آهي ته نيٽو طرفان وڌندڙ دٻاءُ سبب روس ۽ نيٽو وچ ۾ سڌي ٽڪراءَ جو خطرو وڌي رهيو آهي، جنهن جا نتيجا “تباهه ڪن” ٿي سگهن ٿا.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔