بلوچستان ۾ مسافر بس اونھي جابلو کڏ ۾ ڪري پئي، 40 ڄڻا فوت، 8 زخمي ٿي پيا

سرڪاري عملدارن موجب حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن بس شيراني ضلعي جي ڌناسر علائقي مان نڪري خيبر پختونخوا جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان جي سرحد ۾ داخل ٿي رهي هئي ته اوچتو 70 کان 80 فوٽ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي.

بلوچستان جي وڏي وزير جي ميڊيا ۽ سياسي معاملن بابت صلاحڪار شاهد رند موجب فوتين ۽ زخمين جو انگ ابتدائي رپورٽن جي بنياد تي جاري ڪيو ويو، جنهن بعد خيبر پختونخوا ريسڪيو 1122 پڻ تصديق ڪئي.

شاهد رند چيو ته وڏي وزير سرفراز بگٽي جي هدايتن تي حادثي کان پوءِ فوري طور امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي ضلعي انتظاميا، ريسڪيو ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتا متاثرن جي مدد ۾ مصروف آهن. هن چيو ته حادثي جي سببن جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي.

ريسڪيو 1122 موجب اطلاع ملندي ئي زوب ايمرجنسي سروس ۽ ريسڪيو جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون. زخمين کي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال زوب منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فوتين جا لاش پهرين ويجهي بنيادي صحت مرڪز ۽ بعد ۾ زوب جي ضلعي اسپتال منتقل ڪيا ويا.

ريسڪيو اختيارين موجب حادثي وقت بس ۾ 48 مسافر سوار هئا.

زوب ايمرجنسي سينٽر جي سربراهه ثناءُ الله شيراني موجب جابلو ۽ ڏکئي علائقي سبب شروعاتي مرحلي ۾ امدادي ڪاررواين ۾ سخت مشڪلاتون پيش آيون.

شيراني جي ڊپٽي ڪمشنر ولي خان ڪاڪڙ ٻڌايو ته بس ڪوئيٽا مان 36 مسافرن سان رواني ٿي هئي، پر رستي ۾ خراب ٿي ويل ٻي بس جا وڌيڪ مسافر به ان ۾ سوار ڪيا ويا، جنهن سبب گاڏي گنجائش کان وڌيڪ ڀرجي وئي.

شاهد رند موجب بس خميس جي شام ڪوئيٽا مان نڪتي هئي ۽ اضافي مسافرن جي سوار ٿيڻ سبب ان تي وڌيڪ بار پئجي ويو هو. هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير حادثي جي سببن بابت تفصيلي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. – ٽي ايس ايل مانيٽرنگ ڊيسڪ

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔