ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي جنازي جون ست ڏينهن واريون تقريبون ايران ۽ عراق ۾ شروع، کيس اباڻي شھر مشھد ۾ امام رضا جي روضي ڀرسان دفن ڪيو ويندو

علي خامنه اي جي تدفين اصل ۾ مارچ ۾ ٿيڻ واري هئي، پر ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ ڊگهي ٿيڻ سبب اها ملتوي ڪئي وئي هئي.

86 ورهين جو علي خامنه اي 28 فيبروري تي جنگ جي پهرين ڏينهن آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل هوائي حملي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي خاندان جي ڪيترن ئي فردن سان گڏ شھيد ٿي ويو هو.

علي خامنه اي ڪير هو؟

علي خامنه اي 1989ع کان ايران جو سپريم ليڊر رهيو، جڏهن اسلامي انقلاب جي باني ۽ ملڪ جي پهرين سپريم ليڊر آيت الله روح الله خميني جي وفات ٿي.

روح الله خميني اسلامي انقلاب جي نظرياتي اڳواڻي ڪئي، جنهن پهلوي بادشاهت جو خاتمو آندو، جڏهن ته علي خامنه اي ايران جي فوجي ۽ نيم فوجي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو.

سندس جنازو سندس جانشين ۽ پٽ مجتبيٰ خامنه اي جي دور جي پهرين وڏي سرڪاري تقريب هوندي، جيڪو آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ عوامي منظرنامي کان پري رهيو آهي.

ستن ڏينهن جون جنازي تقريبون

3 جولاءِ

جنازي جون تقريبون تهران مان شروع ٿينديون، جتي دنيا جي مختلف ملڪن جا اڳواڻ، اعليٰ سرڪاري عملدار، مذهبي شخصيتون ۽ عالم کيس ڀيٽا پيش ڪندا.

4 ۽ 5 جولاءِ

انهن ٻن ڏينهن دوران تهران ۾ عوامي جنازي جون تقريبون ٿينديون. علي خامنه اي ۽ سندس خاندان جي ڪيترن ئي فردن جا تابوت گرانڊ مصلي ۾ عوامي آخري ديدار لاءِ رکيا ويندا.

گرانڊ مصلو ايران جي سڀ کان وڏين نمازگاهن مان هڪ آهي، جتي وڏيون مذهبي ۽ سرڪاري تقريبون منعقد ٿينديون آهن.

6 ۽ 7 جولاءِ

انهن ڏينهن ۾ جنازي جا جلوس تهران جي مختلف علائقن مان گذرندا ۽ پوءِ راڄڌاني کان لڳ ڀڳ 120 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع قم شهر ڏانهن روانا ٿيندا.

قم ايران ۾ شيعا اسلامي تعليم جو سڀ کان وڏو مرڪز ۽ مقدس شهر آهي، جتي ملڪ جون وڏيون ديني درسگاهون موجود آهن. علي خامنه اي پڻ هتي تعليم حاصل ڪئي هئي.

8 جولاءِ

ايراني ۽ عراقي عملدارن موجب 8 جولاءِ تي نجف انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سرڪاري آجيان جي تقريب ٿيندي، جنهن کانپوءِ نجف ۽ ڪربلا ۾ عوامي جنازي جا جلوس ڪڍيا ويندا.

نجف ۾ حضرت امام علي عليه السلام جو روضو سڀ کان مقدس هنڌن مان هڪ آهي، جتي هر سال لکين زائر اچن ٿا. هتي حضرت علي ابن ابي طالب، جيڪي حضرت محمد ﷺ جا سئوٽ ۽ ناٺي هئا ۽ شيعا عقيدي موجب پهريان امام آهن سي دفن آهن.

ڪربلا ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن ڀاءُ حضرت عباس عليه السلام جا روضا پڻ شيعا اسلام جا مقدس ترين هنڌ آهن. اهي 680ع ۾ پيش آيل واقعي ڪربلا سان لاڳاپيل آهن، جيڪو شيعا عقيدي ۽ مذهبي روايتن جو بنيادي حصو آهي.

9 جولاءِ

جنازي کي پوءِ ٻيهر ايران آندو ويندو، جتي 9 جولاءِ تي مشهد ۾ حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي ڀرسان آخري تدفين ڪئي ويندي.

مشهد ايران جو سڀ کان مقدس شهر آهي، جتي شيعا اسلام جو اٺون امام حضرت امام رضا عليه السلام دفن آهن.

مشهد علي خامنه اي لاءِ ذاتي اهميت پڻ رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو 1939ع ۾ هتي ئي ڄائو هو ۽ پنهنجي شروعاتي زندگي جو وڏو حصو به هتي گذاريو. هن پنهنجي ابتدائي ديني تعليم مشهد ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ قم ويو.شيعا اسلام جي انتهائي معزز شخصيت جي روضي ڀرسان تدفين کي وڏو اعزاز سمجهيو ويندو آهي، جيڪو علي خامنه اي جي ايران جي اعليٰ سياسي ۽ اعليٰ مذهبي شخصيت واري حيثيت جي به عڪاسي ڪري ٿو.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔