بلوچستان ۾ شاهراهن تي سيڪيورٽي لاءِ قافلي وارو نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

رپورٽس مطابق اهو اعلان ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتي حمزه شفقات ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (QCCI) جي نمائندن سان ٿيل اجلاس دوران ڪيو، جنهن ۾ ڪوئيٽا جي ڪمشنر شهباز خان ڪاڪڙ پڻ شرڪت ڪئي.

ڪمشنر اعلان ڪيو ته تفتان بارڊر کان ڪوئيٽا ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن مال بردار گاڏين جي محفوظ آمدرفت لاءِ جلد قافلي وارو نظام شروع ڪيو ويندو. هنن اهو پڻ ٻڌايو ته قلات ۾ پيش آيل تازي واقعي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا پيا وڃن.

ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن صوبي جي شاهراهن تي مال بردار ٽرڪن، ايل پي جي بائوزرن ۽ ٻين گاڏين تي ٿيندڙ حملن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي ھئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٽرانسپورٽرن، مسافرن ۽ عام شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ خاص حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن.

واپاري اڳواڻن چيو ته ٽرڪن کي باهه ڏيڻ جا واقعا جاري آهن، جڏهن ته شاهراهن تي ڦر جون وارداتون پڻ وڌي ويون آهن، جنهن سبب ايڪسپورٽرس ۽ امپورٽرس، مسافرن ۽ عام ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته پلن کي تباهه ڪرڻ جهڙن واقعن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.

رپورٽ موجب حمزه شفقات، شهباز خان ڪاڪڙ ۽ ڪوئيٽا جي ڊپٽي ڪمشنر مهرالله باديني ٽرانسپورٽرن ۽ ڪاروباري برادري کي يقين ڏياريو ته حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا صورتحال جي سنگيني کان مڪمل طور واقف آهي ۽ قومي شاهراهن تي سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ لاءِ اڳ ئي قدم کنيا ويا آهن.

هنن چيو ته مال بردار گاڏين لاءِ ڪانواءِ وارو نظام جلد لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته پاڪستان آرمي، فرنٽيئر ڪور (ايف سي) ۽ اينٽي ٽيررازم فورس جون خدمتون به شاهراهن جي سيڪيورٽي مضبوط ڪرڻ ۽ انهن علائقن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن، جتي ھر ڀيري گاڏين کي باهه ڏيڻ جا واقعا پيش آيا آهن.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔