ڪي سولر ۽ منگ يانگ وچ ۾ پاڪستان اندر ونڊ پاور ۽ بيٽري اسٽوريج رٿائن لاءِ ٺاھہ, ملڪ اندر بي اي ايس ايس جو اسيمبلي پلانٽ قائم ٿيندو

ٺاھہ تحت ٻئي ڪمپنيون پاڪستان ۾ قومي گرڊ ۽ ڪمرشل ۽ صنعتي شعبن لاءِ ونڊ پاور منصوبن ۽ بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم جي مارڪيٽنگ، فراهمي ۽ مالي سهڪار لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون. ان کان علاوه ملڪ اندر بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم (BESS) جي اسيمبلي پلانٽ قائم ڪرڻ لاءِ به بنياد وڌو ويندو. ٻنهي ڌرين ايندڙ هفتن ۾ هڪ باضابطا فريم ورڪ معاهدو پڻ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

ڪي سولر جي چيئرمين محمد عامر غازياني چيو ته پاڪستان جي توانائيءَ واري شعبي ۾ ونڊ پاور تيزي سان اهميت حاصل ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي بجلي جي پيداوار جو ڪاٿو مقابلي جي لائق آهي. هن چيو ته بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم گرڊ جي استحڪام، توانائي جي فراهمي ۾ ان کي لاڳيتو برقرار رکڻ ۽ صاف توانائي مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

ڪي سولر جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر هاشم رضا چيو ته پاڪستان جي توانائي جي منتقلي لاءِ عالمي معيار جي ٽيڪنالاجي، مقامي مالي سهڪار ۽ مؤثر عملدرآمد کي گڏ آڻڻ ضروري آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي ونڊ پاور ۽ بيٽري اسٽوريج جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب رونيو ايبل توانائي جي شعبي ۾ نوان موقعا پيدا ٿيا آهن، جن مان هي شراڪت فائدو وٺندي.

منگ يانگ وچ اوڀر ۽ آفريڪا جي جنرل مئنيجر مياو ديشينگ چيو ته پاڪستان ونڊ پاور ۽ انرجي اسٽوريج لاءِ تيزي سان وڌندڙ اهم مارڪيٽ آهي. هن چيو ته ڪي سولر سان ڀائيواريءَ ذريعي ڪمپني ونڊ ٽربائنز، بيٽري انرجي اسٽوريج ٽيڪنالاجي، لاڳاپيل برقي سامان ۽ سافٽ ويئر فراهم ڪرڻ سان گڏ مقامي اسيمبلي جون سهولتون قائم ڪرڻ ۾ پڻ سهڪار ڪندي، جنهن سان پاڪستان ۾ صاف، سستي ۽ پائيدار توانائي جي منتقلي کي هٿي ملندي.

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔