
پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر آچر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ اها ڄاڻ ڏني تہ ڪراچي جي گلستانِ جوهر واري علائقي ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي ڪيمپ تي گذريل رات ٿيل دهشتگرد حملي کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٽي بهادر اهلڪار شهيد، ٽي دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب حملو پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي گلستانِ جوهر ۾ قائم ڪيمپ تي ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ تنظيم جماعت الاحرار سان لاڳاپيل دهشتگردن ڪيو.
بيان موجب دهشتگردن پهرين ڪيمپ جي مکيه دروازي تي ڌماڪو ڪيو ۽ پوءِ حفاظتي حد اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر رينجرز جي جوانن جي بروقت، بهادري ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي سندن سمورا ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪارروائي دوران ٽي خوارجي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو افغان شهري آهي.
بيان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران وطن جا ٽي بهادر سپاهي فرض ادا ڪندي شهادت جو اعليٰ درجو ماڻي ويا، جڏهن ته چار ٻيا اهلڪار زخمي ٿيا.
آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي شهيد جوانن جي رت جو بدلو وٺڻ لاءِ حملي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڀرپور جوابي ڪارروايون ڪندو.
اداري موجب علائقي ۾ وڌيڪ ڪنهن به "ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ” دهشتگرد جي موجودگي ختم ڪرڻ لاءِ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا "عزمِ استحڪام” ويجن ھيٺ ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي هيٺ هلندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڪارروايون مڪمل رفتار سان جاري رکندا.
چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير شهيد اهلڪارن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته انهن بهادر جوانن جون قربانيون ملڪ جي سلامتي لاءِ هر قيمت ادا ڪرڻ جي قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
ڌماڪي ۽ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف
رپورٽس موجب گلستانِ جوهر جي رهواسين ڇنڇر رات لڳ ڀڳ اٺين وڳي زور دار ڌماڪي ۽ لڳاتار فائرنگ جا آواز ٻڌا ويا، جنهن کانپوءِ پوليس، رينجرز، خاص سيڪيورٽي يونٽن ۽ ريسڪيو اهلڪارن وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.
شروعاتي جاچ موجب دهشتگردن گاڏي ۾ نصب بارودي مواد (VB-IED) استعمال ڪندي رينجرز هيڊڪوارٽر جي مکيه دروازي کي ٽڪر هڻي زوردار ڌماڪو ڪيو. ڌماڪي کان فوري پوءِ هٿياربند دهشتگرد ڪيمپ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي فائرنگ شروع ڪري ڏني، پر سيڪيورٽي فورسز جي بروقت جوابي ڪارروائي سبب سندن منصوبو ناڪام بڻجي ويو. – ٽي ايس ايل


