قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، نوابشاھہ ٽائيمز هائير ايجوڪيشن امپيڪٽ رينڪنگز 2026 ۾ تعليم جي معيار لاءِ سنڌ جي بهترين انجنيئرنگ يونيورسٽي قرار

ٽائيمز هائير ايجوڪيشن امپيڪٽ رينڪنگز دنيا جي يونيورسٽين جو جائزو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي مقصدن (Sustainable Development Goals – SDGs) ۾ سندن ڪارڪردگي جي بنياد تي وٺندي آهي. انهن رينڪنگز ۾ تعليم، تحقيق، جدت، ماحولياتي تحفظ، سماجي ذميواري ۽ عالمي شراڪتداري جي شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو آهي.

QUEST تعليم جي معيار بابت SDG-4 ۾ عالمي سطح تي 101 کان 200 رينڪنگ بينڊ حاصل ڪيو، جنهن سان اها سنڌ جي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي يونيورسٽين ۾ پهرين، سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ ٻي ۽ پاڪستان جي بهترين پنج يونيورسٽين ۾ شامل ٿي وئي آهي.

يونيورسٽي ٻين پائيدار ترقي جي مقصدن ۾ پڻ نمايان عالمي سڃاڻپ حاصل ڪئي. SDG-10 (عدم مساوات ۾ گهٽتائي) ۾ عالمي رينڪنگ بينڊ 601 کان 800، SDG-5 (صنفي برابري) ۾ 1001 پلس ۽ SDG-17 (شراڪتداري) ۾ 1001 کان 1500 رينڪنگ بينڊ حاصل ڪيو.

يونيورسٽي موجب هي ڪاميابي معياري ۽ جامع تعليم جي فراهمي، اعليٰ تحقيق، جدت، سماجي ڀائيواري ۽ پائيدار ترقي لاءِ اداري جي مسلسل ڪوششن جو نتيجو آهي.

يونيورسٽي پنهنجي هن نمايان ڪاميابي جو ڪريڊٽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمو جي متحرڪ قيادت ۽ وجن کي ڏنو، جن تعليمي معيار، تحقيقي سرگرمين، جدت، صنعت ۽ يونيورسٽي جي سهڪار، سٺي حڪمراني ۽ عالمي معيارن سان سلھارڻ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم سڌارا ڪرايا.

سندن قيادت هيٺ QUEST اداري اندر سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو، معيار کي يقيني بڻائڻ جا نظام مضبوط ڪيا، عالمي ادارن سان سهڪار وڌايو ۽ تدريسي، تحقيقي ۽ سماجي خدمتن ذريعي پائيدار ترقي ۾ پختو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن کي همٿايو.

وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون استادن، شاگردن، محققن، آفيسرن، ملازمن، ايلومنائي ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته عالمي رينڪنگ صرف انگ اکر نه پر اداري جي گڏيل محنت، معياري تعليم ۽ سماجي اثر جو اعتراف آهي. هن چيو ته QUEST عالمي سطح تي پنهنجي حيثيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اهڙا انجنيئر، سائنسدان ۽ ماهر تيار ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جيڪي قومي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکن.

وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار ساند، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالحنان شيخ، انجنيئر آغا شيراز ۽ ڊاڪٽر اي. آر. کتڙي جي خدمتن کي پڻ ساراهيو، جن جي فني قيادت ۽ محنت THE امپيڪٽ رينڪنگز 2026 لاءِ يونيورسٽي جي ڪامياب نامزدگي تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

يونيورسٽي جو چوڻ آهي ته هي عالمي اعزاز QUEST جي ان سفر ۾ هڪ اهم ڪاميابي آهي، جنهن جو مقصد انجنيئرنگ، سائنس، ٽيڪنالاجي، تحقيق، جدت ۽ پائيدار ترقي جي شعبن ۾ عالمي سطح جو مرڪز بڻجڻ آهي. يونيورسٽي مستقبل ۾ به معياري تعليم، اثرائتي تحقيق، مسلسل بهتري ۽ بين الاقوامي سهڪار ذريعي پاڪستان جي پائيدار ترقي واري ايجنڊا ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. – ٽي ايس ايل رپورٽ

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔