ڪراچي: گلستانِ جوهر ۾ سنڌ رينجرز هيڊڪوارٽر تي دهشتگرد حملو، ٽي رينجرز اهلڪار شهيد، ٽي دهشتگرد مارجي ويا

ڊان جي رپورٽ موجب سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل پوليس جاويد عالم اوڍو موجب شروعاتي طور تي اهو واضح نه ٿي سگهيو هو ته ڌماڪو به ٿيو يا نه، جڏهن ته دهشتگرد پنهنجي گاڏي ذريعي رينجرز هيڊڪوارٽر جي مکيه دروازي سان ٽڪر هڻي حملو ڪيو.

هن ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس (موپنگ اپ) آپريشن جاري آهي، جڏهن ته اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ (SSU) جي ڪمانڊوز، اينٽي ٽيررسٽ فورس (ATF) ۽ رينجرز اهلڪارن علائقي جو گهيرو ڪري ورتو آهي.

پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه سيد موجب هڪ زخمي رينجرز اهلڪار کي ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

واقعي کانپوءِ پوليس جي ريپڊ ريسپانس فورس، پوليس ڪمانڊوز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا دستا فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ صورتحال تي ضابطو آندو. پوليس ۽ رينجرز سڄي علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو. ريسڪيو 1122 سنڌ موجب گلستانِ جوهر جي بلاڪ 5 ڀرسان ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي مرڪزي ڪنٽرول روم مان ايمرجنسي ٽيمون روانيون ڪيون ويون. چيف آپريٽنگ آفيسر ڊاڪٽر عابد جلال الدين شيخ پڻ وڏي وزير جي صلاحڪار گيان چند ايسراڻي ۽ ريسڪيو 1122 سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل بريگيڊيئر (ر) واجد سبغت الله جي هدايتن تي واقعي واري هنڌ پهتو. – ٽي ايس ايل مانيٽرنگ ڊيسڪ

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔