
يوڪرين جنگ دوران پنهنجي اهم ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ مقامي سطح تي مصنوعي ذهانت (AI) لاءِ ڪمپيوٽنگ صلاحيت قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو آهي، جنهن لاءِ يوڪراين جي معيشت واري وزارت ٽيليڪام ڪمپني ڪيوِ اسٽار (Kyivstar) سان مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪيون آهن.
پولينڊ جي شهر گدانسڪ ۾ منعقد يوڪرين ريڪوري ڪانفرنس دوران ٿيل ٺاھہ ھيٺ ڪيوِ اسٽار جي ڪمپني VEON منصوبي جي پهرين مرحلي لاءِ مالي سهڪار فراهم ڪندي. ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو اوليڪسندر ڪوماروف موجب شروعاتي مرحلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 کان 5 ميگاواٽ جي ڪمپيوٽنگ گنجائش ۽ لکين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي.
ڪوماروف چيو ته هن وقت يوڪرين ۾ AI جو سڀ کان وڏو استعمال فوج ڪري رهي آهي، تنهن ڪري فوجي ڪمپيوٽنگ کي ملڪ کان ٻاهر منتقل نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته اهو قومي سلامتي جو معاملو آهي.
رپورٽ موجب روس سان جنگ کانپوءِ يوڪرين جو گهڻو ڊيٽا يورپ جي ڊيٽا سينٽرن ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو ته جيئن روسي حملن کان محفوظ رهي. هاڻي حڪومت مقامي AI ڪمپيوٽنگ انفراسٽرڪچر قائم ڪري ڊيٽا ۽ ڊجيٽل خدمتن کي ملڪ اندر محفوظ رکڻ چاهي ٿي.
ڪانفرنس دوران اين ويڊيا (Nvidia) جي نمائندي چيو ته يوڪرين وٽ اڃا تائين اهڙو ڪمپيوٽنگ انفراسٽرڪچر موجود ناهي، جيڪو ملڪ جي آپريشنل، ثقافتي ۽ لساني ڊيٽا کي مقامي سطح تي محفوظ ۽ پروسيس ڪري سگهي. – ٽي ايس ايل


