وينزويلا ۾ ٻٽي زلزلي سبب فوتين جو انگ 235 ٿي ويو، 4,300 کان وڌيڪ زخمي، 346 کان وڌيڪ عمارتون ۽ ٻيون سهولتون متاثر ٿيون آهن

وينزويلا جي صحت واري وزير ڪارلوس الواراڊو موجب سرڪاري اسپتالن ۽ طبي عملو متاثرن کي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته زخمين مان ڪيترائي لا گويرا (La Guaira) رياست سان تعلق رکن ٿا، جتي وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي.

زلزلي سبب لا گويرا ۾ واقع سائمن بوليوار انٽرنيشنل ايئرپورٽ اسٽرڪچر کي شديد نقصان پهچڻ ڪري اڻ ڄاتل مدي تائين بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زخمين جي وڌندڙ انگ کي نظر ۾ رکندي سامونڊي علائقن ۾ عارضي فيلڊ اسپتالون قائم ڪيون پيون وڃن.

رپورٽ موجب هيءَ تباهي هڪ غير معمولي "سيزمڪ ڊبلٽ” سبب پيش آئي، جنهن دوران 39 سيڪنڊن جي وقفي سان 7.2 ۽ 7.5 شدت جا ٻه زلزلا آيا. هيل تائين 138 آفٽر شاڪس پڻ رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

اختيارين موجب زلزلي سبب 346 کان وڌيڪ عمارتون ۽ ٻيون سهولتون متاثر ٿيون آهن، جن ۾ رهائشي عمارتون، شاپنگ سينٽر ۽ اٺ علائقائي اسپتالون شامل آهن، جتان مريضن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو.

آمريڪا، برازيل، ڪولمبيا، ميڪسيڪو، چلي، ايڪواڊور، ايل سلواڊور، ڪيوبا سميت ڪيترن ئي ملڪن امدادي ٽيمون، ريسڪيو ماهر، طبي عملو، امدادي سامان ۽ مالي سهائتا موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين کي تيز بڻائي سگهجي

قائم مقام صدر ڊيلسي روڊريگيز سڄي ملڪ ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪاراڪاس جو سائمن بوليوار انٽرنيشنل ايئرپورٽ زلزلي سبب ٿيل نقصان کانپوءِ عارضي طور بند ڪيو ويو آهي.

آمريڪي جيالاجيڪل سروي (USGS)موجب پهريون زلزلو 7.2 شدت جو هو، جنهن جو مرڪز مورون شهر جي اولهه ۾، ڪاراڪاس کان لڳ ڀڳ 168 ڪلوميٽر پري هو. ان کان صرف هڪ منٽ پوءِ ساڳئي علائقي ۾ 7.5 شدت جو ٻيو زلزلو به آيو، جنهن سان صورتحال وڌيڪ سنگين بڻجي وئي.

يو ايس جي ايس خبردار ڪيو آهي ته زلزلي سبب وڏي انگ ۾ جاني نقصان ۽ وسيع تباهي جو امڪان آهي، جڏهن ته آفت جا اثر ملڪ جي وڏي حصي تائين پکڙيل ٿي سگهن ٿا. اختيارين موجب امدادي ۽ ريسڪيو ٽيمون متاثر علائقن ڏانهن روانيون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته نقصان ۽ جاني نقصان بابت مڪمل تفصيل اڃا سامهون نه آيا آهن. حڪومت شهرين کي آفٽر شاڪس جي خطري سبب احتياط ڪرڻ ۽ سرڪاري هدايتن تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. – ٽي ايس ايل

ایک تبصرہ چھوڑیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

اوپر تک سکرول کریں۔