
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ آمريڪا-ايران ٺاھہ تي باضابطه صحيون ٿي ويون آهن، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ وچ اوڀر ۾ امن جي نئين مرحلي جي شروعات جي اميد پيدا ٿي وئي آهي.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرانس جي تاريخي ورسيلز محل (Palace of Versailles) ۾ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون طرفان ڏنل دعوت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو، "ٺاھہ تي صحيون ٿي چڪيون آهن.” ايراني سرڪاري ميڊيا پڻ اهڙيون تصويرون جاري ڪيون آهن، جن ۾ صدر مسعود پزشڪيان کي ٺاھہ تي صحيون ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.

ٺاھہ موجب آمريڪا ايران کي تيل جي روانگي واپار لاءِ ضروري قانوني رعايتون (Waivers) جاري ڪندو، جنهن سان ايران جي تيل جي عالمي منڊين تائين رسائي بحال ٿيندي. ٺاھہ ۾ عالمي واپار لاءِ انتهائي اهم هرمز کي ٻيهر کولڻ جا به تفصيلي انتظام شامل آهن، جنهن سان عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ استحڪام اچڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.
ٺاھہ تحت ايران ٻيهر اهو واعدو ڪيو آهي ته هو ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندو ۽ نه ئي حاصل ڪندو، جڏهن ته آمريڪا ۽ ان جا علائقائي اتحادي ايران جي بحالي ۽ معاشي ترقي لاءِ 300 ارب آمريڪي ڊالرن جي فنڊ قائم ڪرڻ تي به متفق ٿيا آهن، جنهن تي عملدرآمد ايندڙ مرحلي جي ڳالهين دوران طئي ڪيو ويندو.
معاهدي ۾ اهو پڻ واضح ڪيو ويو آهي ته جنگ جو خاتمو سڀني محاذن تي لاڳو ٿيندو، جنهن ۾ لبنان به شامل آهي. بهرحال، ان جي باوجود اسرائيلي فوج لبنان جي مختلف علائقن ۾ فضائي حملا جاري رکيا آهن، جنهن سبب جنگبندي جي مستقبل بابت خدشا برقرار آهن.
تجزئي نگارن موجب هي ٺاھہ وچ اوڀر جي سياسي ۽ سلامتي واري صورتحال ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته عالمي برادري ان تي عملدرآمد کي علائقي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي اهم قرار ڏئي رهي آهي.
آمريڪا ۽ اسلامي جمهوري ايران وچ ۾ ٺاھہ جا نقطا
1. آمريڪا ۽ اسلامي جمهوري ايران، گڏوگڏ موجوده جنگ ۾ سندن اتحادي، هن يا مفاهمت جي ياد داشتنامي (MoU) تي صحيون ڪري لبنان سميت سڀني محاذن تي فوجي ڪارروائين جي فوري ۽ مستقل خاتمي جو اعلان ڪن ٿا. ٻئي ڌريون عھد ڪن ٿيون ته هو هڪ ٻئي خلاف ڪنهن به قسم جي جنگ يا فوجي ڪارروائي شروع نه ڪنديون، نه ئي طاقت جي استعمال يا ڌمڪين جو سهارو وٺنديون، لبنان جي خودمختياري، علاقائي سالميت ۽ اقتدارِ اعليٰ جو احترام ڪنديون. حتمي معاهدو هن شق ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين معاملن جي مستقل عملدرآمد جي تصديق ڪندو.
2. آمريڪا ۽ اسلامي جمهوري ايران هڪ ٻئي جي خودمختياري ۽ علاقائي سالميت جو احترام ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي اندرين معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو عزم ڪن ٿا.
3. ٻنهي ملڪن اتفاق ڪيو آهي ته وڌ ۾ وڌ 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي لاءِ ڳالهيون مڪمل ڪيون وينديون، جڏهن ته گڏيل رضامندي سان ان مدي ۾ واڌ به ڪري سگهجي ٿي.
4. مفاھمت ھي هن يادداشنامي تي صحيون ٿيڻ سان گڏ ئي آمريڪا ايران خلاف پنهنجي بحري ناڪا بندي ختم ڪرڻ ۽ سامونڊي رستن ۾ موجود سڀ رڪاوٽون هٽائڻ شروع ڪندو، جڏهن ته مڪمل بحري ناڪا بندي 30 ڏينهن اندر ختم ڪئي ويندي. ان عرصي دوران ايران جنگ کان اڳ واري سطح موجب جهازن جي آمدرفت بحال ڪندو. حتمي معاهدي کان پوءِ آمريڪا 30 ڏينهن اندر پنهنجي فوجي موجودگي ايران جي ويجهڙائي وارن علائقن مان ختم ڪندو.
5. مفاهمت جي يادداشتنامي تي صحيون ٿيڻ سان ايران پنهنجي بهترين ڪوششن ذريعي صرف 60 ڏينهن تائين ايراني نار (Persian Gulf) کان عمان جي سمنڊ تائين ايندڙ ويندڙ واپاري جهازن کي بغير ڪنهن فيس جي محفوظ گذرگاهه فراهم ڪندو. واپاري جهازن جي آمدرفت فوري طور شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته فني ۽ فوجي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ سامونڊي بارودي سرنگن جي صفائي 30 ڏينهن اندر مڪمل ڪئي ويندي. ايران، عمان جي سلطنت ۽ ايراني نار جي ٻين سامونڊي ملڪن سان گڏجي، بين الاقوامي قانون ۽ ساحلي رياستن جي حقن موجب هرمز واري گذرگاھہ جي مستقبل جي انتظام ۽ سامونڊي خدمتن بابت مشاورت ڪندو.
6. آمريڪا پنهنجي علائقائي ڀائيوارن سان گڏجي گهٽ ۾ گهٽ 300 ارب آمريڪي ڊالرن تي ٻڌل هڪ جامع رٿا تيار ڪندو، جنهن جو مقصد ايران جي ٻيهر تعمير ۽ اقتصادي ترقي هوندو. ان رٿا جي عملدرآمد جو طريقو 60 ڏينهن اندر حتمي ٺاھہ جي حصي طور طئي ڪيو ويندو، جڏهن ته ضروري لائسنس، استثنا ۽ مالي اجازت ناما آمريڪا جاري ڪندو.
7. آمريڪا اسلامي جمهوري ايران خلاف لاڳو ڪيل هر قسم جون پابنديون ختم ڪرڻ جو عزم ڪري ٿو، جن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جا ٺھراءَ، آءِ اي اي اي (IAEA) جي بورڊ آف گورنرز جا ٺھراءَ، ۽ آمريڪا جون سڀ هڪ طرفيون بنيادي ۽ ثانوي بندشون شامل آهن. بندشون گڏيل طور تي طئي ڪيل شيڊول ھيٺ ختم ڪيون وينديون. ٻنهي ڌرين بندشن جي خاتمي کي انتهائي اهم قرار ڏيندي ان بابت فوري ڳالهين تي اتفاق ڪيو آهي.
8. ايران ٻيهر پڪ ڏئي ٿو ته هو ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل ڪندو نہ تيار ڪندو. آمريڪا ۽ ايران ان ڳالهه تي متفق آهن ته ايران وٽ موجود تيار (Enriched) ائٽمي مواد بابت گڏيل طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، جنهن تحت آءِ اي اي اي جي نگراني هيٺ ضرورت موجب ان جي افزودگي گهٽائي ويندي. ٻنهي ملڪن ايران جي پرامن ائٽمي ضرورتن، يورينيم افزودگي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي به حتمي معاهدي جي دائري ۾ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
9. حتمي معاهدي تائين ٻئي ملڪ موجوده صورتحال برقرار رکندا. ايران پنهنجي موجوده ائٽمي پروگرام ۾ ڪا تبديلي نه آڻيندو، جڏهن ته آمريڪا نه نيون پابنديون لاڳو ڪندو ۽ نه ئي علائقي ۾ اضافي فوج مقرر ڪندو.
10. مفاهمت جي يادداشتنامي تي صحيون ٿيڻ سان گڏ ئي، ۽ پابندين جي مڪمل خاتمي تائين، آمريڪي ناڻي وارو کاتو ايران جي ڪچي تيل، پيٽروليم شين ۽ انهن سان لاڳاپيل خدمتن (جهڙوڪ بئنڪنگ، انشورنس، ٽرانسپورٽ وغيره) جي آمدني واپار لاءِ ضروري استثنا ۽ اجازت ناما جاري ڪندو.
11. آمريڪا، هن يادداشتنامي تي عمل شروع ٿيڻ سان گڏ، ايران جا منجمد يا محدود ڪيل فنڊ ۽ اثاثا مڪمل طور استعمال لاءِ دستياب بڻائيندو. انهن فنڊن کي جاري ڪرڻ جو طريقو ٻنهي ڌرين جي ڳالهين ذريعي طئي ڪيو ويندو. اهي فنڊ، ڀلي اصل اڪائونٽن ۾ هجن يا منتقل ڪيا وڃن، ايران جي مرڪزي بئنڪ طرفان نامزد ڪيل فائدو وٺندڙن کي مڪمل طور استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي. آمريڪا ان مقصد لاءِ سڀ ضروري لائسنس ۽ قانوني اختيار جاري ڪندو.
12. آمريڪا ۽ ايران ان ڳالهه تي متفق آهن ته مفاھمت جي هن يادداشتنامي ۽ مستقبل جي حتمي ٺاھہ تي عمل ڪرڻ جي نگراني لاءِ هڪ گڏيل انتظامي سرشتو قائم ڪيو ويندو.
13. مفاھمت جي هن يادداشتنامي تي صحيون ٿيڻ کان پوءِ، ۽ 1، 4، 5، 10 ۽ 11 نمبر شقن تي عمل شروع ٿيڻ ۽ جاري رهڻ جي شرط تي، آمريڪا ۽ ايران حتمي ٺاھہ جي باقي شقن بابت باضابطه ڳالهيون شروع ڪندا.
14. حتمي معاهدي جي توثيق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (UNSC) جي هڪ لازمي ۽ پابند ٺھراءَ ذريعي ڪئي ويندي.
ٽي ايس ايل رپورٽ


